18 منگل , دسمبر 2018

پي ٽي آءِ ۾ اُهي ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن، جيڪي هر اليڪشن ۾ ضمير وڪڻيندا آهن: خواجا آصف

سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۾ موجوده 115 ٽڪيٽ هولڊر ٻين پارٽين مان آيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ اُهي ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن جيڪي هر اليڪشن ۾ ضمير کپائيندا آهن. خواجا آصف چيو ته جن کي گٽر ۾ اڇلڻ گهرجي ها، انهن کي پي ٽي آءِ ٽڪيٽ ڏني، آخر ۾ عمران خان جي ڀرسان سياسي ورڪر ناهن، رڳو پيسا وارا آهن. هن چيو ته مون کي هڪ مهيني جي لاءِ نااهل ڪيو ويو، پر قدرت کي منهنجي عزت مقصود هئي، 31 مئي تي اسان جي حڪومت ٽٽي پئي ۽ پهرين تي منهنجي نااهلي ختم ٿي. خواجا آصف چيو ته مخالف هن ڀيري عوام جي هٿان شڪست کائيندا، جيڪي کڏ ٻين جي لاءِ کوٽي، ان ۾ عمران خان پاڻ ڪري پيو، عمران خان کي اِهو ئي چئي ٿو سگهجي ته ڪا هوندي آهي ڪا حيا هوندي آهي. هن چيو ته عمران خان جيتري ڪوشش ڪري، هڪ ڀيرو وزير اعظم نٿو بڻجي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب چيئرمين سياسي اڳواڻن سان ملاقات لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو جي سربراهه سياسي اڳواڻن سان ملاقات جي لاءِ راضپو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے