17 ہفتہ , نومبر 2018

پي ٽي آءِ فردوس عاشق اعواڻ، شهريار آفريدي ۽ ٻين کي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف فردوس عاشق اعواڻ، شهريار آفريدي، شوڪت يوسفزئي ۽ حميده شاهد کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، عمران خان اميدوارن جي نالن جي منظوي ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي پارليماني بورڊ عام چونڊن جي لاءِ اميدوارن کي وڌيڪ ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون. پارليماني بورڊ جي فيصلي موجب اين اي 72 سيالڪوٽ تي فردوس عاشق اعواڻ کي ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته شهريار آفريدي ڪوهاٽ مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهندو. شوڪت يوسفزئي شانگلا مان صوبائي سيٽ جي لاءِ ميدان تي لهندو، ان کان سواءِ حميده شاهد دير تان چونڊ وڙهندي، پي ٽي آءِ جي ذريعن موجب چيئرمين عمران خان ڄاڻايل اڳواڻن جي لاءِ ٽڪيٽون جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اعظم سواتي معاملو: جي آءِ ٽي جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  اعظم سواتي معاملي تي قائم جي آءِ ٽي جاچ مڪمل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے