16 جمعہ , نومبر 2018

اسٽيو روڊز بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون ڪوچ مقرر

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي انگلش وڪيٽ ڪيپر اسٽيو روڊز کي ٽيم جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو 2020ع ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ تائين پنهنجو خدمتون انجام ڏيندو. بنگلاديشي ٽيم افغانستان هٿان ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست کانپوءِ هاڻ نئين ڪوچ جي نگراني ۾ ان شڪست جي ازالي جي ڪوشش ڪندي. گذريل سال آڪٽوبر ۾ چنديڪا هٿورو سنگا جي استعيفيٰ کانپوءِ بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ نئين ڪوچ جي ڳولا ۾ هو ۽ روڊز جي مقرري کانپوءِ 8 مهينن جو ڊگهو انتظار ختم ٿي ويو آهي. ان حوالي سان اسٽيو روڊز جو چوڻ هو ته ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ هر چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. واضح رهي ته 54 ورهين جو روڊز 11 ٽيسٽ ۽ 9 ون ڊي ميچن ۾ انگلش ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي، پي ايس ايل جي ٽائٽل اسپانسر جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ  (پي ايس ايل) جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے