15 جمعرات , نومبر 2018

وومينز ايشيا ڪپ: ڀارتي ٽيم پاڪستان کي هارائي فائنل ۾ پهچي وئي

ڪوالالمپور (اسپورٽس نيوز) وومينز ايشيا ڪپ ٽي 20 ٽورنامينٽ ۾ ڀارتي ٽيم روايتي مخالف پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو. ڀارتي ٽيم جي بالنگ اٽيڪ اڳيان پاڪستاني ٽيم وٽ ڪو جواب نه هو ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرنديون رهيون. قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ثنا مير 20 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي، جڏهن ته ناهيدا خان 18 رنسون ٺاهيون. انهن کانسواءِ ڪا به رانديگرياڻي ڊبل فگر ۾ ئي نه پهتي. پاڪستاني ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 77 رنسون ٺاهي سگهي. جواب ۾ ڀارتي ٽيم بيٽنگ شروع ڪئي ته رڳو 5 رنسن تي ٻه رانديگرياڻيون پويلين موٽي ويون پر 35 رنسون ٺاهيندڙ ڪپتان هرمن پريت ڪور ۽ سمرتي منڌانا جي 34 رنسن جي مدد سان ڀارت 16هين اوور جي پهرين بال تي ٽن وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. ان ڪاميابي سان ڀارت لاڳيتو ستون ڀيرو ايونٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ايڪتا بشت کي 14 رنسن عيوض 3 وڪيٽون وٺڻ تي ميچ جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي، پي ايس ايل جي ٽائٽل اسپانسر جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ  (پي ايس ايل) جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے