20 منگل , نومبر 2018

تاريخ جو عظيم باب رسول بخش پليجو

ڪامران چانڊيو

هٿ ڏڪندي هي سٽون پئي لکيم،ڪنن کي ٻڌڻ جي سگهه ئي نه رهي ته رسول بخش پليجو به پنهنجي زندگي جو باب مڪمل ڪري طويل سفر تي روانو ٿي ويو آهي جتان اڄ تائين نه ڪير موٽيو آهي نه وري ڪير موٽندو،بس رهندو آهي ته ان جو نالو،ان جي شناخت باقي رهندي آهي،آءُ هن هستي تي ڪئين لکان منهنجو قلم منهجي استاد تي لکڻ جي سگهه نه ٿو رکي،رسول بخش پليجو پاٻ هڪ تاريخ هيو اهڙي تاريخ جيڪا اڄ هميشه لاءِ امر ٿي وئي ڇو جو رسول بخش پليجو هڪ اهڙي شخصيت هئي جيڪو پنهنجي آخري پساهه تائين پنهنجي نظريي پنهنجي موقف تي قائم رهيو،

پليجو صاحب منهنجو سياسي استاد ۽ پنهنجو قائد هيو،اسان جي خاندان جو تعلق به عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سان رهيو آهي،پليجي صاحب سان ڪجهه وقت اڳ ملاقات ٿي ان وقت به پليجي صاحب جي طبيعت به ڪجهه خاص بهتر نه هئي پوءِ به پڇيائين نوجوان ادبي ڪتاب پڙهو پيا ان سان گڏ سنڌ جي سياسي صورتحال تي پڻ پليجي صاحب تي پڻ تمام گهڻي ڪڇهري ڪئي هئي،

رسول بخش پليجي سنڌ ۾ پنهنجي نظريي ۽ پنهنجي دليلن سان هزارين انقلابي ذهن پيدا ڪرڻ سان گڏ ادبي،سياسي ڪتاب لکي ماڻهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ سماجي ويو،

پليجو صاحب اڪثر جلسن چوندو هيو ته منهبجي ڌيءُ هڪ دفعو مونکان پڇڻ آئي ته بابا مان شادي ڪندس مون جواب ڏنو ڀلي ڪر تو کي ڪنهن روڪيو آهي اهو به چوندو هيو ته مونکي خبر ناهي ته منهنجي گهر جي ڀاتين جا نالا ڇا آهن اهي ڪنهن سان پرڻيل آهن ان مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته پليجو صاحب پنهنجو سمورو ڌيان سنڌ جي خوشحالي،سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن خلاف پنهنجو وقت وقف ڪري ڇڏيو،

پليجو صاحب ايڏو چوٽي جو قانوندان هيو جو چوندو هيو ته جيڪڏهن بينظير صاحب مونکي ڀٽي جو ڪيس ڏئي ها ته ڀٽي کي شايد ڦاسي نه اچي ها،

پليجو صاحب سنڌ جي تاريخ ۾ عورتن جي آزادي جو ڪيس تمام شاندار نموني وڙهيو جنهن سبب اڄ سنڌياڻي تحريڪ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي تحريڪ آهي،

پليجي صاحب سنڌ جو ڪيس اعلي سطح تائين وڙهيو هر ڪم عملي نموني سرانجام ڏنائين ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪراڇي کان ڪشمور تائين تاريخي لانگ مارڄ ڪيائين

پليجو صاحب پنهنجي زندگي جا يارنهن سال قيد ۾ گذاريا قيد ۾ هوندي به هن پنهنجي جهدوجهد جاري رکي جنهن جو مثال ڪوٽ لکپت جي قيدي جو ڪتاب جي صورت ۾ اوهان اڳيان آهي ،ان سان گڏ پليجو عالمي لڙائي،عالمي جنگين،عالمي چالن تي تمام شاندار تجزيا ڪندو هيو جيڪي سمورا اڳتي هلي سچ ثابت ٿيندا هئا

سچ پڇ اسين اڄ عظيم انسان کان محروم ٿي وياسين پليجي صاحب جهڙا انسان تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن پر پنهنجي جهدوجهد باعث هميشه لاءِ امر ٿي ويندا آهي جئين ڪنهن شاعر چيو آهي

سي ماڻهون مور نه مرڻا آهن،

ويس مٽائي ورڻا آهن.!

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے