14 بدھ , نومبر 2018

رسول بخش پليجي جي نانءُ

شازيا جوڻيجو

اي دنيا جا عظيم  ڏاھا ۽ اسان جا رھبر توکي ۽ تنھنجي ڪيل سنڌ جي لاءِ خدمت ۽ غريب عوام سان توهان جي ڪيل خدمتن کي لکين ھزارين سلام! توهان جي وڇوڙي سڄي  سنڌ کي يتيم بي سھارو ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو، توهان جي ڪمي ۽ ڪيل خدمتن   جو خال ڪير به ڪڏهن به نٿو ڀرجي سگهي. منھنجي تو (ابي) ساڻ جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته توهان جون ليڪچر ۽ ڳالهيون اسان کي ھڪ نئين سوچ ۽ روشن مستقبل جي واٽ تي ھلڻ جو دڳ ڏسينديون ويون. تنھنجون تقريريون اسان جي نئين نوجوان نسل اندر حوصلو ۽ اتساھ پيدا ڪنديون ھيون، توهان سماج جي اناپرستيءَ مردا انسان واري زندگي مان ڪڍي ڪري مزاحمت ڪرڻ سنڌ لاءِ وڙھڻ واري سگهھ ذھني تربيت  پيدا ڪئي. توهان اسان کي ذات پات جي ڏسڻ جو نظريو ڏنو ،ھو ڪير ھيو سو توھان رسول بخش پليجو ئي ھيو جنھن وڏيري طبقي کي للڪار ڏني ۽ ڪرپٽ  حڪمرانن جي خلاف آواز اٿاريو، توهان 1988 ۽ 1990 عوامي نيشنل پارٽي جوڙي قومي تڪ تان چوندن ۾ حصو ورتو، توهان ون يونٽ جي  خاتمي ۽ بحالي جمھوريت تحرڪ  ۾ به  سرگرم رھيا توھان جو ھر ڪردار اڄ تاريخ جي سونن ورقن ۾ لکيو ويندو!!

ڪالاباغ ديم خلاف ۽ آمر پرويز مشرف خلاف جدوجهد ۾ پڻ اھم ڪردار ادا ڪيو، رسول بخش پليجو ڪالاباغ ديم خلاف 1991 ۽ 1995 ع ۾ سکر کان ڪراچي تائين  ۽ 2005 ع ۾ ڀٽ شاهه کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪيا جنھن لانگ مارچ پنجابين جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، ڪالاباغ ڊيم جي حامين جو منھن ڪارو ڪري ڇڏيو، سنڌ دشمن قوتن کي للڪاري ڇڏيو آقائن جي غلامن بوٽن وارن کي واضع پيغام ڏئي ڇڏيو تنھنجي مفاد پرستي ڪاري قانون ۽ ان جيڪو ڊيم تون پنھنجي ٻڏي مرڻ لاءِ ٺاھين ٿو، ھي سنڌ ان مصنوعي ڊيم خلاف اڄ تي للڪاري واضع پيغام ڏي رھي آھي ته ڪٿي توکي تنھنجي اڃ مھانگي نه پئجي  وڃي، ڪٿي تنھنجا نسل ڊيم جا خواب ڏسي پياسا نه مري وڃن، ڪٿي تنھنجي گھرن ۾ ايندڙ ڍڪ پاڻي سنڌودرياهه مان نه بند ڪري ڇڏيون. او وقت جي آمريت سوچ رکندڙ ھٽلرو مان رسول بخش پليجو ۽ منھنجا پيروڪار تنھنجي سو صدين تائين حاڪيمت جبري تخت کي لوڏي ڌوڏي للڪاري ڪيرائي ته سگھن تنھنجي مرڻ ٽٽڻ ڦٿڪڻ جي حامي ته ڀري سگھن ٿا پر جيڪو ڊيم سنڌوءَ جا ڪپر سڪائي ھي سنڌي مون رسول بخش پليجو سان گڏ ان ڊيم کي ڪڏھن قبول نه ڪندا ۽ واقعي ڪراچيءَ ۾ مچ مچائي نڪتل مارچ مخالفن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون ھيون!!

رسول بخش پليجو 2017ع ۾ گوڙاڻو ڊيم ۽ ٻين سنڌ منصوبن خلاف اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين پيادل مارچ جي قيادت پڻ ڪئي .  پليجي صاحب پنهنجي زندگي جا 11 سال مختلف جيلن ۾ گذاريا ھن سپريم ڪوٽ جي  لوڪيل جي حثيٽ سان پڻ پنهنجون خدمتو سرانجام ڏنيون، پليجو صاحب دنيا جي عظيم انقلابي تحريڪن علم سماجي سائنس فلسفي ۽ لطيف شناسي جا پڻ ڄاڻا رھيان آهن. پليجي صاحب صبح ٿيندو جيڪي بنگال سان ٿيو اندا اونڌا ويڄ ڪيترائي انقلابي ڪتاب پڻ لکيا توهان اسان کي ڪامريد انقلاب جا لقب پڻ ڏنا، بغاوت جو تاج پڻ سيني تي سجايو ۽ انقلاب مزاحمت جو صحيح مطلب ٻڌايو ۽ انهن سنڌ دشمن جي خلاف  ڳالھائي منهن  بند ڪيا!!

اسان  ھميشه ماڻھن جي واتان ڪامريڊ  جي خلاف ڳالھائيندي ٻڌو ھو ته  ڪامريد صرف غنڊاگردي ڪري ماڻهن  ۾ پنھنجي لاءِ ڀئه پيدا ڪندا آهن پر توهان جي فخر  نظرئي  سان کي اھو  سوچڻ تي مجبور ڪيو  دل مان آواز نڪتو ،ڪامريد اھي   بلڪل نه  آهن ڪامريد ته ھڪ زنده دل انسان آهي جيڪو ھر مظلوم  جي آواز آھي ڪامريد اھو آهي  جيڪو  ھر مظلوم جي ڏک تڪليف کي پنهنجو سمجهي ان جي تڪليف دور ڪندو آهي، ڪامريد اھي آهن جيڪي انسان کي انسانيت جو درس ڏيندا آهن توهان جون پنهنجي ڌرتي جي لاءِ عظيم  قربانيون ھميشه ياد رکيون وينديون،  اڄ اسان پنهنجي قائد پليجو صاحب کي  دفن نه ڪيو آهي پر اسان پنهنجي وطن جي ذرخير زمين ۾ انقلاب جو ٻج پوکيو آهي اسان وچن ٿا ڪريون  ته توهان جي انقلابي ٻارڻ شمي کي ڪڏهن به وسامڻ ڪونه  ڏينداسين  ۽ توهان  جي ڇڏيل مشن کي ھميشا قائم  ۽ دائم رکنداسين!!

سر رسول بخش پيلجو صاحب!!

تون اسان اٻوجهھ بي يارو مددگارن جو سھارو ھئين، تون لاوارثن جو وارث، مسڪينن جي ماءُ ھئين، تون يتيمن جو ابو اسان جھڙن سٻاجھڙن جو روحاني ابو ھئين،

توڙي جو 80 جون ڏھائيون اوھان سنڌ سان گڏ گذاريون پر شايد منھنجا اوھان سان 80 پل به نصيب نه ٿيا ھجن تڏھن ته سڪون اوھان مان لھي نه سگھيون تون اسان کان وڇڙي ويو آھين ھا وڇڙيا جسم آھن وڇڙيون نظرون اھي ٽھڪ اھي گھڙيون آھن جيڪي گھڙيون اسين توھان سان گذاريون، وڇڙيون رونقون آھن جيڪي سنڌ ۾ ھيون ۽ اڄ سنڌ ويران ٿي لڳي وڇڙيون خوشيون آھن جيڪي اسين تنھنجي ھوندي ناز ڪندا ڪڏندا ھياسين، اڄ ڄڻ ته يتيم ٿي وياسين ڄڻ ته دنيا نڪري وئي ۽ شفقت جو ڇانورو اسان کي ھميشه لاءِ وڇڙي ويو پر بابا تون اسان جي دلين ۾ ھئين آھين ۽ رھندين، تنھنجي جھدوجھد تنھنجون محبتون ڪوڪون للڪارون ٽھڪ سڀ اسان کي ياد آھن، تنھنجا نظريا تنھنجو جوش جذبا تنھنجون تربيتون اڄ به اسان لاءِ اتساھ بخشيندڙ آھن، تنھنجا قول ٻول اڄ به تاريخ جي سچ کي ثابت ڪندا ٿا ھلن اڄ ته مٺيءَ ۾ ماٺ لڳي پئي آ اڄ ته ٿر جا مور به نچڻ ڇڏي ويا، اڄ به مٺيون ٻولين وارا پکي به رنا آھن او بابا تنھنجو وڇوڙي جگر ڇني جيءُ جھوري ويو!!

اڄ سنڌ پنھنجي جگر پٽ کي چميون ڏئي جھولي ۾ آندو اڄ انقلاب جو ريج سنڌ ٻيھر ڪنھن حلالي پٽ ذريعي پوکيو اڄ تنھنجي مڙھ تي پوري سنڌ توکي سلامي ڏيئي اھو ثابت ڪيو پراڻي دور ۾ جنگيون فتح ڪري ايندڙن سنڌين کي جرنلن جو لقب ڏنو ويندو ھيو ۽ تون اھو سنڌ جو ھيرو ھئين جنھن ظلم غلاميءَ خلاف جنگ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ نظرياتي جنگ کٽي پاڻ کانپوءِ ھي نوجوان نسل تيار ڪري ويو!!

تنھنجي جيت ۾ گيت گونجيا اڄ ھي سنڌ سمنڊ وانگي اٿلي توکي سلامي ڏني اڄ تنھنجي مڙھ کي اڄ تنھنجا ڪلھي ڪانڌي سنڌ جو سسئيون ٿيون اڄ نفرت فرق جا سڀ اوچ نيچ ختم ٿيا اڄ لاڙ اتر سڀ ھڪ نظر آيا، واقعي تون ڪامريڊ هئين ۽ ڪامريڊ لفظ کي پاڻي ڏيئي وئين، واقعي ڪارمريڊ لفظ ڪردار جو آھي جيڪو ڪردار اڄ توکي دنيا ۾ روشن ڪري ويو اڄ تنھنجي مڙھ کي مٽيءَ ۾ ته دفنايو ويو پر اي سنڌ جا سورما سر رسو بخش پليجا تون ڊائري ۾ زنده آھين ۽ رھندين!!

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا نيب پنهنجو جاچ طريقو تبديل ڪندي…؟

مصطفيٰ جمالي نئب ادارو ڇا ڪري رهيو آهي.؟سڀ ڪجهه درست طريقي سان ڪري رهيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے