13 منگل , نومبر 2018

هڪ داناءُ، دلير ۽ د لبر انسان جو وڇوڙو

آصف بالادي

رسول بخش بليجو، بيشڪ هڪ، گھڻ پاسائون، مطالعو ڪندڙ. سنڌ توڙي عالمي تاريخ، ادب توڙي آرٽ جو ڄاڻو، هڪ عالم ۽ داناءُ انسان هو. ان جي وسيع تر، گهري ۽ گھڻ طرفي مطالعي سان گڏ سندس مشاهدو ۽ عملي تجربو به ڪمال درجي تائين پهتل هيو. هن وٽ تخيل ۽ تصور جي شاهوڪاري ۽ ڪنهن شيءَ جو ذري گھٽ مڪمل احاطو ڪري نتيجا ڪڍڻ ۽ انهن نتيجن جي آچار تي فيصلا ڪرڻ جو ڏانءُ به ڪمال جو هيو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن ۾ اخلاقي جرئت، همت ۽ بهادري هئي . برملا حقيقت جي اظهار ڪرڻ جي، هن ۾ حوصلو هيو  شين کي نئين سر ڏسڻ ، سمجھڻ، وري وري اٿلائي پٿلائي پرجھڻ ۽ پروڙڻ جو، هي لڪير جو فقير نه هيو. زندگيءَ جي معامرن کي زندگي جي سياسي، سماجي، معاشي تاريخي، جاگرافيائي،  مطلب ته هر ميدان ۾ هڪ هڪ سوال ۽ معامري جو باريڪ بيني سان جائزو وٺڻ ، ان جو ڇيد ڪرڻ. سائنسي بنيادن تي ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ڏات به سندس ئي شخصيت جي حصي ۾ اچن ٿا.

نهايت صاف گوئي، چٽائي ۽ جرئت سان پنهنجي راءِ جو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جر جرئت ۽ دليري سندس ڊگھي ۽ لاڳيتي جدوجهد ۾ هر هنڌ نمايان آهي.  هن شين کي نئين سر ۽ نئيون رستو ڏسڻ جانچڻ، ٻڌڻ، تنقيد ۽ تصحيح ڪري وري ڄڻ ته هڪ صوفي وانگر انهن جي نفيءَ ڪندي اثبات تائين پهچڻ به هن جهڙي يگاني عالم جو حوصلو هو. نه ته اڪثر حالتن ۾ ڪيترائي داناءَ، عالم، اديب، فاضل ۽ اڳواڻ سدائين هر حالت ۾ پنهنجي ساڳين ساڳين ڳالهين جو ورجاءُ ،  ڊيگهھ ويڪر ۽ پکيڙ جي ڄار ۾ ڦاٿا پيا هوندا آهن. هي شخص هئڻ سان گڏ “Dare To Know وري ايمانوئيل ڪانٽ جي اصول تي عمل ڪندي،  سچ ڄاڻڻ، سچ ٻڌڻ ۽ سچ ٻڌائڻ جي پوري جرئت ، همت ۽ برداشت رکندڙ بيشڪ هڪ داناءُ دلير ۽ دلبر انسان هيو.

سنڌ وطن جي جاگرافيائي وحدت جي انچ انچ جي دفاع لاءِ مون کيس هڪ بهادر جرنيل وانگر گرجندي ڏٺو آهي.

سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ پنهنجي وطن جي مالڪي ۽ عددي اڪثريت ۽ وسيلن توڙي سنڌ جي اقتدار اعليٰ تي سنڌين جي بنيادي حق حڪمراني  جي علمي ۽ عملي جدوجهد، ملڪ جي اندران توڙي ٻاهران ٿيندڙ ڌاري آبادڪاري خلاف  چڱن ڀلن جا پٽڪا ڌوڙ ڪري سگھڻ جي صلاحيت ۽ جرئت به مون اکين ڏٺي آهي.

سنڌ جي پاڻيءَ واري ڪيس ۾ هن جي وڪالت، هن جا دليل، ۽ جرئت سندي تاريخ جو حصو آهن. ڪالاباغ ڊيم کي ڪارو نانگ ڪوٺڻ به سندس ئي نعرو آهي.

بحرحال هاڻي به سائين جي ايم سيد کان وٺي اسان جي هن بهادر اڳواڻ، داناءَ ۽ دلير رهنما کان پوءِ ڄڻ ته سنڌ جي تاريخ جو هڪ دور پورو ٿي چڪو آهي. ڳڻتيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته هاڻ سج لهڻ کان پوءِ ڪو ڏيئو به ته نظر نٿو اچي جيڪو هلڪو ۽ هيڻي روشني .قائم رکي سگھڻ جي سچي پچي دعويٰ ڪرڻ جي قابل هجي.

ملڪي سياست ، علائقائي حالتون، عالمي صورتحال ۽ سنڌ جي حالت، ان جو گھڻ پاسائون ڳوڙهو ۽ گهرو تجزيو، ڇيد، نئين سر نئون جائزو، نيون حڪمتون ڪير ۽ ڪيئن جوڙيندو ۽ علمي توڙي عملي طرح سان سنڌ جي طرفداري ۽ رهنمائي ڪيئن ٿيندي سچ پچ اهو اڄ جو اهم بنيادي ۽ سنجيده سوال آهي. عالمي سامراجيت هجي يا نام نهاد مزاحمتي دعوائون، ڊراما ۽ نعريبازييون هجن  پليجي صاحب وانگر ڪير انهن جو ڇيد ڪري سائنسي جائزو وٺي نچوڙ ڪڍي پوري جرئت سان ” سنڌ ۾ مزاحمتي جنگ جي حقيقت“ جهڙو طويل مضمون لکي سگھندو؟

سنڌ کي اهڙا ڪيترائي چيلينجز سامهون آهن. جن کي منهن ڏيڻ ان قسم جي اعليٰ سطح تي قيادت ۽ رهنمائي ڪرڻ منظم تنظيم سازي ۽ عوام کي سجاڳ، باخبر ، باشعور ڪرڻ لاءِ واقعي به هڪ وڏو خال پئدا ٿي چڪو آهي.  جيڪو ڪنهن زماني ۾ اسان جي بزرگن، ڏاهن، رهبرن، دانائن، باضمير اديبن، شاعرن ۽ سچن پچن سڄاڻ ماڻهن  ۽ سورهيه اڳواڻن سان پئدا ٿيل هو. توڻي جو انهن جا پنهنجو پاڻ ۾ نظرياتي، سياسي بنيادن تي اصولي اختلاف به هئا، پر اختلاف وڏي شيءَ ناهن. رهبري، رهنمائي، دانائي، دليري، برداشت ۽ مصيبت ٻڌي وڏي شيءِ آهي.  شيخ اياز سچ چيو آهي ته عوام ۽ انبوه ۾ فرق ٿيندو آهي. بحرحال في الحال ته سنڌ جي قومي، جمهوري، ترقي پسند جدوجهد   جنهن جي رهبري ۽ رهنمائي ڊگهي دور تائين سائين جي ايم سيد جي رهبري، رسول بخش پليجي جي رهنمائي   ۽ محمد ابراهيم جويو جهڙي عظيم انسانن جي دانائي جي روشني ۾ هلندي رهي. ۽ سنڌ ڪيترائي اڻ ڳڻيا عظيم ڪردار، اڳواڻ ۽ ڪارڪن ان رهبري، رهنمائي ۽ دانائي جي بي ڌڙڪ ٿي قافلا در قافلا هلندا ٿي رهيا. انهن جي اميدن جو هي سج لهي چڪو آهي.  ان اڌ اونداهي ۾ رڍ جي ويس ۾ ڪيترائي بگھڙ سنڌ ۽ سنڌي قوم کي پنهنجي نرغن ۾ آڻي چڪا آهن. ڀلا نقوي، نازشي، سازشي ٽولن جا چهرا بي نقاب ڪرڻ جي جرئت هاڻ ڪير ٿو ڪري سگھي؟ عالمي ترقي پسند تحريڪ، سويت يونين جو زوال ۽ چين جو سرمائيداري کي نئين سر سمجھي اڳتي وڌڻ جو راز ڪيئن سمجھي سگھبو؟ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي سوال آهن؟ نظرين سوچن ويچارن جا، حڪمتن جا، جيڪي سنڌ جي سامهون چيلنج بڻيل آهن. جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي پرن تي تيز اڏام ڪندڙ ايڪويهين صدي سان ڪيئن هم رقاب ٿي سگھبو؟ بنهه نئين سِر تيئن اڏجندڙ، نئين نڪور انساني تحزيب جو حصو ڪيئن بڻجي سگھبو؟نئين زماني جو نئون رخ ۽ رفتار جو ادراڪ ۽ فهم ڪيئن رکبو؟ پنهنجي نظرين توڙي نعرن ۽ حڪمتن کي وري نئين سر غور ته بحرحال ڪرڻو ئي پوندو. ۽ مٿين سوالن ۽ چئلينجن جا جواب ته ڏيڻا ئي پوندا. شل سنڌ ڏاهپ، جرئت، ديانت جو ڪو نئون جنم وٺي سگھي. اها اميد به اجائي ڪانهي. جي چاهيون ته اسان پنهنجي  بزرگن جي پورهئي ۽ ڪارڪنن جي قربانين مان گھڻو ڪجهه سکي نوان نتيجا ڪڍي پنهنجيون صفون درست ڪري جديد ۽ نئين حڪمت عملين سان وري نئين سر اڳتي وڌي سگھون ٿا.

بحرحال رسول بخش پليجو صاحب سڀني وصفين سندس ترجمو ڪيل هڪ شاندار نظم جي ڪردار وانگر ” سچو پچو مڙس ماڻهو هو“. باقي تنقيدون ۽ تبصرا ميدان عمل جو ڏاج آهن. مفڪر، ڏاها، داناءُ ماڻهو- تنقيد، تبصرن، پارٽين ۽ تنظيمن جي ڀڃ ڊاهه، گروپ بندين، گروهن بندين کان هر حال ۾ مٿانهان هوندا آهن. ۽ پنهنجي ضمير جي روشني ۾ پنهنجي ڌُن تي قائم رهندي پنهنجو سفر جاري رکندا آهن. ڪن حالتن ۾ ته تنهائي ۽ اڪيلائي  هنن جي هستيءَ جو سامان  ٿي پوندي آهي. اهڙن تاريخي ڪردارن کي ڪنهن به طريقي سان ڪو به آئسوليشن نه ڪرائي سگھندو آهي.

“Man can be destroyed but can’t be defeated”

اسان جي هن عظيم رهنما پنهنجي آخري ساهن تائين انقلابي گيتن، ۽ سرن جي سهاري  به پنهنجو انقلابي آواز بلند رکيو. اها وڏي ڳالهه آهي.

هڪ قومي ڪارڪن طور منهنجيون  محبتون ۽ ڪچهريون لڳ ڀڳ 1988 کان قائم رهيون. جيڪي لطيف سائين جي هن بيت سان شروع ٿينديون هيون.  ”اوريائين آڻين ميڙيو معلم خبرون“. اهڙو مهربان رهنما ۽ استاد رسول بخش پليجو هن حياتيءَ ۾ وسرڻ جهڙو ناهي. ڪاش! ساڻس اڃان گھڻيون ڪچهريون ڪري سگھان هان!

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻي ايئن نه هلندو…،

تنوير زمان خان لنڊن پاڪستان ۾ رهندڙ عيسائي ڪميونٽي اها ڪمونٽي آهي جيڪا برٽس راڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے