14 بدھ , نومبر 2018

ڪالاباغ ڊيم۽ صوبن ۾پاڻي ورهائڻ جو ڪيس

علي محمد ميمڻ

ملڪ جي درياهن ۽ پاڻي جي ذخيرن جي ورهاست، استعمال ۽ سنڀال ۾ ٿيندڙ بدانتظامين، ضابطن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙين ڪري پاڻي جو بحران  پيدا ٿي رهيو آهي. سنڌو ماٿري کي هزارين ورهين کان سيراب ڪندڙ قدرتي درياهن،  راوي، ستلج، بياس، چناب ۽ سنڌو درياهه جي پاڻي جي صوبن کي ورهاست واري قدرتي سرشتي بابت موجود عالمي ضابطن ۽ ملڪ جي قانونن  تحت ٿيل فيصلن  باوجود  سنڌو درياهه تي ملڪ جي سڀ کان وڏي تڪراري رٿا ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ مهم شروع ٿي وئي آهي. جنهن تي ملڪ جي چئن مان ٽن صوبن ۽ انهن جي صوبائي  اسيمبلين جي مخالفت  باوجود زبردستي ڪرڻ تي ملڪ جي ڪروڙين عوام، ساڃهه وندن، وڪيلن، پاڻي ماهرن، صحافين ۽ ٻين  سماجي ۽ سياسي حلقن ۾ تمام گهڻي ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

دنيا ۾ موسمياتي ڦير گهير سبب، ملڪ ۾برساتن جي گهٽ ٿيڻ ۽ پاڻي جي کوٽ واري صورتحال ۾ پاڻي جي خزاني جي کوٽ  ۽آبادي جي وڌندڙ دٻاءَ  واري صورتحال ڏينهون ڏينهن  ڳڻتي واري بنجي رهي آهي. جنهن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار پڻ سنڌ صوبو بنجي رهيو آهي ۽ هڪ پاسي هتان جي ڪروڙين عوام جي جياپي ۽ زرعي معيشيت لاءِ پاڻي جي سخت کوٽ آهي ته ٻئي پاسي سمنڊ کي پٺتي ڌڪيندڙ سنڌو درياهه وارو سيلاب جو پاڻي نه هئڻ ڪري سمنڊ جو پاڻي ندين، سم نالين ۽ درياهه ۾ داخل ٿي سنڌ جي لاڙ واري علائقي جي هزارين نه پر لکين ايڪڙ زرعي زمينن کي تباهه ڪري رهيو آهي.سنڌ ۾ سنڌو درياهه ذريعي ايندڙ آبپاشي جي اڻپوري پاڻي کي به پاڻي جو سمنڊ ۾ زيان ٿيڻ کان روڪڻ  جي نعري هيٺ تڪراري منصوبا سرگرم ڪيا ويا آهن.

ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ذريعي، ملڪ جي مٿاهين واري ايراضي ۾ سنڌو درياهه جي وهڪرن ۽ پاڻي کي روڪڻ  وارو تڪراري  منصوبو آهي. جنهن تي آبپاشي جي لحاظ کان نقص ۽ خيبر پختونخواهه واري علائقي ۾ هزارين ايڪڙ زرعي ايراضي سم ۽ ڌٻڻ ۾ تبديل ٿي تباهه ٿيڻ جو حقيقتن تي مشتمل رپورٽن جي آڌار تي اتان جي صوبائي اسيمبلي لڳاتار ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي. اهڙي ريت سنڌو درياهه بابت عالمي ۽ ملڪي قانونن تحت فيصلن ڪرڻ جو حق سنڌ صوبي جو طئي ٿيل آهي جو اهو درياهه صوبي جي ڪروڙين عوام جي زرعي معيشيت ۽ زندگي ۽ جياپي جو واحد وسيلو آهي ۽ سنڌو درياهه جي انهي پاڻي مان بلوچستان جي زراعت ۽ زندگين جو دارومدار آهي. جنهن تي سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جي صوبائي اسيمبلين  طرفان پڻ ڪيترائي ڀيرا ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف ٺهراءَ منظور ڪيا ويا آهن.

تازو،  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان  ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ صوبي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي مان مهم هلائڻ جو اعلان ڪندي ۽ سانوڻي ۾ سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي کي زيان قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته لا اينڊ جسٽس ڪميشن ڪالاباغ ڊيم تي سيمينار ڪرايا ويندا. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ووٽ کي عزت ڏيو جو مقصد آهي ته ماڻهن کي سندن بنيادي حق فراهم ڪيا وڃن.ڪاش پنجابي نه پر سنڌي يا بلوچ هجان ها. سپريم ڪورٽ ۾ پاڻي جي کوٽ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري پنهنجي حڪومتن ۾ڪجهه نه ڪيو، اربين رپين جو پاڻي اسان معدنيات سان گڏ سمنڊ ۾ ضايع ڪري رهيا آهيون، پاڻي جي مسئلي تي ٻلي وانگر اکيون بند نه ٿا ڪري سگهون. اسان کي عملي طور ڪجهه ڪرڻو پوندو، صاف پاڻي ۽ صاف هوا جو هئڻ لازمي  آهي ، چوماسي جي برساتن جو پاڻي ضايع  ٿي وڃي ٿو .پاڻي ڪيس تي ٻڌڻي جي موقعي تي سپريم ڪورٽ طرفان بئرسٽر اعتزاز احسن کي پاڻي ڪيس بابت مددگار مقرر ڪندي ٻن ٽن ڏينهن ۾ واٽر پاليسي تي تجويزون طلب ڪيون آهن ۽ پيئڻ جي پاڻي ۽ ذخيرن بابت رپورٽ به ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. عدالت طرفان اعتزاز احسن کان 21 جون تائين تجويزون گهريون ويو آهن.

ملڪ کي هزارين ورهين کان سيراب ڪندڙ درياهن  راوي، ستلج، بياس، چناب ۽ سنڌو درياهه ۽ ان ۾ شامل ٿيندڙ ڪابل درياهه واري پاڻي مان  سمورا درياهه پنجاب واري وڏي حصي کي سيراب ڪرڻ بعد  اڳتي وڌي ملتان  ويجهو پنجند واري مقام تي سمورا درياهه ۽ وهڪرا  وهي اچي سنڌو درياهه ۾ شامل ٿين ٿا ۽ ان بعد سنڌو درياهه جو پاڻي سرائيڪي واري علائقي جون لکين ايڪڙ  زمينون سيراب ڪندي اڳتي وڌي سکر بئراج ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ان بعد درياهه هيٺ لهي ڪوٽڙي بئراج  ۾ پهچي ٿو . اهڙي ريت، سنڌو درياهه مان سنڌو ماٿري جي   علائقي پنجاب ۽ سنڌ صوبي ۾ اتر ، وچولي، لاڙ ۽ بلوچستان  ۾ نصير آباد ڊويزن، سبي ۽ ٻين زرعي علائقن کي سيراب ۽ هر قسم جي حيات کي پاڻي مهيا ٿئي ٿو.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان پاڻي ڪيس تي  مقرر ڪيل مددگار، ملڪ جي نامياري دانشور ، قانوندان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ بئرسٽر اعتزاز احسن طرفان، ملڪ جي اهم ٽي وي چينل تي براهه راست انٽرويو  ڪيو ويو. جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي پيش ڪيل موقف ۾ ۾ هو چيف جسٽس جناب ثاقب نثار آڏو اهي دليل پيش ڪري ۽ قائل ڪري چڪو آهي ته ملڪ جا پنج ئي درياهه هتان جي چئني صوبن پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي گڏيل ملڪيت آهن ۽ انهن درياهن جي پاڻي تي پڻ سندن گڏيل حق آهي. ڪالاباغ ڊيم ملڪ جي سڀ کان وڏي تڪراري رٿا آهي جنهن کي ملڪ جا ٽي صوبا ۽ اتان جون اسيمبليون رد ڪري چڪيون آهن. تنهن ڪري پاڻي جا ذخيرا ڪرڻ لاءِ ديامير، ڀاشا ڊيم ۽ ان جهڙيون ٻين  اهڙين رٿائن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جن تي اتفاق آهي يا ڪوبه به اختلاف موجود ناهي. اعتزاز احسن جو وڌيڪ اهو پڻ چوڻ هو ته ته پنجاب پنهنجي وڏي صوبي هئڻ ڪري ان کي اهو حق حاصل ناهي ته هو ٻين ننڍن صوبن جو پاڻي بند ڪري يا انهن جي حق تلفي ڪري ۽ مٿاهين تي هئڻ ڪري ٻين صوبن جي پاڻي کي روڪي ملڪ جي برادري ۾ جهيڙا ۽ فساد پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪري.

بيشڪ ! ملڪ جي سمورن صوبن ۽ قومن تي مشتمل  برادرين جو هزارين ورهين کان هڪٻئي سان نه ٽٽندڙ ۽ هميشه رهندڙ رشتا ۽ ناتا آهن. سڀئي سنڌو ماٿريءَ جون قومون تاريخ جي سند طور هڪٻئي جون برادريون آهن.  قانون قدرت تحت سنڌو ماٿري امڙ جون اولاد ۽ سنڌو درياهه جون ٿڃ شريڪ قومون هڪٻئي جون ڀائر ۽ ڀينرون آهن. جيڪي دنيا جي لاهن چاڙهن سبب ڌار ڌار طاقتن جي قبضي ۾ ڦاٿل هيون پر قدرت جي مهرباني سان وري هڪ قدرتي ملڪ ۾ وري گڏ ٿي ويون آهن، انهي قدرت جي فيصلي ۽ مهرباني تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي.

يقينن، قومن جي زندگين ۾ ايندڙ هر قسم جي للڪارن ۾ پنهنجي حق جو ڪيس  هر وقت وڙهڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي ۽ قوم جي قانوندانن ۽ صحافين کي پڻ ملڪ جي عدالتن ۽ ادارن ۾ قومي ڪيس  اثرائتي نموني پيش ڪرڻ لاءِ ضمير جي آواز تي پاڻ تيار رهڻ گهرجي، واضح رهي ته قومي ڪيسن لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ ڪيس وڙهڻ ۾ ڪنهن به ڌر کان فيس يا معاوضو حاصل ٿيڻو ناهي. جيڪڏهن ڪي به ساڃاهه وند يا قومي درد رکندڙ وڪيل، ايڊووڪيٽ، بئرسٽر يا ڪامورا ۽ مانوارا صحافي دوست پڻ تحقيق جي بنياد تي پنهنجو فرض سنڌو ماٿري جي هزارين سالن واري تاريخي قومن جو فرد يانمائندي هئڻ جي حيثيت ۾ دليلن سان پيش ڪرڻ لاءِ ملڪ جي معزز عدالت ۽ مانائتي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي ڪراچي واري رجسٽري عدالت ۽ اسلام آباد ۾ پڻ پيش ڪرڻ لاءِ وکون وڌائي ويندا ته يقينن ملڪ ۽ قوم جي فرض شناس فرزند ۽ محسن طور ياد رکيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻي ايئن نه هلندو…،

تنوير زمان خان لنڊن پاڪستان ۾ رهندڙ عيسائي ڪميونٽي اها ڪمونٽي آهي جيڪا برٽس راڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے