17 بدھ , اکتوبر 2018

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ پنجاب جو گريٽر ٿل ڪئنال وهائڻ وارو عمل

ملڪ جي قومي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا سميت اڄ ڪلهه ملڪ جي اعلى عدالت سميت ڪيئي ادارا ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ان جي پورائي لاءِ ڪالا باغ ڊيم جي تعمير کي ملڪ جي جياپي جي واحد سبب طور پيش ڪري، هر حال ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جا جتن ڪري رهيا آهن، ڄاڻايو پيو وڃي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ قدرتي آهي پر ان ڏس ۾ سنڌ جو موقف الڳ آهي، پاڻيءَ جي کوٽ بابت ۽ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير بابت سنڌ پنهنجو موقف ڪيئي ڏهاڪن کان چٽو ۽ واضع رکيو آهي ۽ اڄ به ان تي قائم آهي.

ڪالهه جي اخبارن جا اطلاع آهن ته سنڌ هن وقت پاڻيءَ جي 70 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، گڊوءَ وٽ پاڻيءَ جي کوٽ 70 سيڪڙو آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي 52 هزار ڪيوسڪ بدران 40 هزار ڪيوسڪ وهڪرو جاري آهي ۽ هيٺاهون وهڪرو 43 هزار ڪيوسڪ آهي، اهڙي نموني سنڌ جي سمورن بيراجن تي پاڻيءَ جي کوٽ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ بيان ڪيل آهي، جنهن ڪري موسمن جا نه ته فصل پوکي سگهبا ۽ نه ئي ايندڙ فصلن لاءِ ڪا مند ملي سگهندي جو پاڻي ٻنهي مندن جي وچ واري دور ۾ آيو آهي ۽ اهو به اڌورو..

سرڪاري حلقن پاران پاڻيءَ جي کوٽ جا ٻه ڪارڻ ڄاڻايا پيا وڃن هڪ ته هندستان ستلج، چناب ۽ بياس جو پاڻي روڪي ورتو آهي ۽ ٻيو ته گرمي پد گهٽ هجڻ ڪري گليشيئر ڳري نه سگهيا آهن جنهن ڪري پاڻيءَ جو مقدار گهٽجي ويو آهي.

اسين نه ٿا سمجهون ته ڪو ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ قدرتي امر آهي، پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن حقيقتن کي ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ بلڪل به نه آهي، جيڪڏهن پاڻيءَ جي کوٽ آهي ته اها صرف سنڌ ۾ آهي ۽ اها به اڄ جي نه آهي بلڪه گذريل 150 سالن کان آهي جنهن ۾ شدت 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام بعد آئي آهي ۽ ان ۾ بتدريج گذريل 80ع واري ڏهاڪي کان مسلسل شدت وڌي رهي آهي ۽ هاڻي پنهنجي انتها تي پهتي آهي..

ملڪ ۾ 1947ع بعد پاڻيءَ جي کوٽ جهڙي صورتحال انهي ڪري پيدا ٿي جو هندستان جي ورهاڱي بعد گڏيل هندستان جون ٽي ننديون ستلج، بياس ۽ چناب جو مٿيون وهڪرو هندستان جي حدن مان ٿي گذريو ۽ انهن جو هيٺيون وهڪرو پاڪستان جي صوبي پنجاب مان پئي گذريو، جنهنڪري انهن نندين جي پاڻيءَ جي ورڇ جو معاملو هميشه تڪراري ٿي رهيو، جنهن کي 1960ع ۾ ورلڊ بينڪ جي ٽياڪڙيءَ ۾ “ سنڌ طاس” نالي هڪ معاهدو ٿيو جنهن ۾ اهو طئي ٿيو ته ڄاڻايل ٽنهي نندين مان هندستان 80/ سيڪڙو پاڻي کڻندو، جڏهن ته پاڪستان 20 سيڪڙو پاڻي کڻندو ۽ پاڻيءَ جي ذخيري لاءِ ڊيم ۽ واٽر هيڊس تعمير ڪندو جن جو خرچ هندستان برداشت ڪندو بدلي ۾ ڄاڻايل ٽنهي نندين جي پاڻيءَ تي جهڙوڪر هندستان جو “ مقدم حق ” تسليم ڪيو ويو، اهڙي معاهدي تي پاڪستان جي ان وقت جي صدر ايوب خان ۽ هندستان جي وزير اعظم جواهر لال نهروءَ جي وچ ۾ ورلڊ بينڪ جي صدر مسٽر ايوگين آر. بليڪ جي موجودگيءَ ۽ ٽياڪڙيءَ ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.

”سنڌ طاس“ جي اهڙي معاهدي بعد جنهن بعد جهڙوڪر پاڪستان هميشه پنهنجي ٽن قديمي ندين جي پاڻي کان محروم ٿي ويو، هي اُهي ٽئي ننديون آهن جيڪي پنجاب کي سيراب ڪنديون هيون ۽ پنجاب جي جاگرافيائي حدن مان گذرندي پنجاب جو ضرورتون پوريون ڪرڻ بعد ئي سنڌوءَ کي ڀرينديون هيون، جن جي هندستان جي انتظام  قبضي ۾ وڃڻ بعد جهڙوڪر سڄي پنجاب جي پاڻيءَ جي پورائي جو دارو مدار سنڌوءَ تي اچي پيو، اهو ڏينهن ۽ هي ڏينهن سنڌ پنهنجي حقيقي، جائز ۽ تاريخي ورثي واري پاڻيءَ جي حق کان محروم آهي، ۽ پنجاب اپر رائپرين هجڻ ڪري گذريل 150  سالن کان وٺي سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي.

اسين هي سمجهون ٿا ته سوال اهو ناهي ته ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي، بلڪه سوال هي آهي ته ملڪ ۾ جيڪو به گهٽ مقدار ۾ پاڻي موجود آهي، اهو صوبن کي انصاف ڀرئي نموني ملي رهيو آهي يا نه…… جنهن جو جواب آهي ته نه ۽ بلڪل نه……اڄ سنڌ 70 سيڪڙو پاڻِيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ پنجاب ٿل ڪئنال وهائي سنڌ جي پاڻيءَ مان 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي، جڏهن ته پنجاب اهو پاڻي سنڌوءَ مان کڻي رهيو آهي جنهن جي هڪڙي به ڍُڪ تي به پنجاب جو حق نه آهي.

ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ قدرتي آهي….، اهو هڪ الڳ سوال آهي، پر سنڌ لاءِ پاڻيءَ جي کوٽ قدرتي نه آهي، بلڪه هٿرادو آهي جيڪا پنجاب پيدا ڪئي آهي.

ملڪ جا اهي سگهارا ادارا جيڪي ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کي بنياد بڻائي ڪالا باغ يا ٻيو ڪو ڊيم ٺاهڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، ملڪ جي اعلى عدالت جيڪا پنهنجون حدون اورانگهيندي ڪالاباغ ڊيم جهڙي سياسي ۽ تڪراري مسئلي ۾ هٿ وجهي ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اهي ماڻهو جيڪو قومي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو جواز ٻڌائي وڏيون وڏيون پوسٽون رکن ٿا، تقريرون ڪن ٿا، بيان ڏين ٿا، ڇا اهي ٻڌائي سگهندا ته پنجاب ۾ پاڻِيءَ جي کوٽ ڪٿي آهي، پنجاب جي شهرن کي ڇڏيو، پنجاب جي پڇڙيءَ واري ڪنهن هڪ ڳوٺاڻي علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ لاءِ گذريل 50- سالن ۾ ڪو هڪڙو احتجاج به ٿيو هجي کڻي اهو ئي ٻڌايو، ڇا، پنجاب هن ملڪ ۾ نه آهي جو پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ڪو قانون ان تي لاڳو نه ٿو ٿي سگهي، پاڻيءَ جي کوٽ جيڪڏهن آهي ته اها سنڌ لاءِ آهي ۽ اها پنجاب جي پيدا ڪيل آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پهريان ملڪ ۾ انصاف جون تقاضائون پوريون ڪريو، بعد ۾ ڪا ٻي ڳالهه ڪئي وڃي.

آچر 10 جون  2018ع، 25 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

زينب قتل ڪيس ۽ انصاف جي گهرج ….

ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ انتهائي مشڪل آهي ته معاشري ۾ معصوم ٻارن سان جنسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے