21 بدھ , نومبر 2018

اسڪاٽ لينڊ خلاف ٽي 20 سريز لاءِ قومي ٽيم جي  ٻئي ڏينهن به  پريڪٽس  جاري

ايڊنبرا(اسپورٽس نيوز) اسڪاٽ لينڊ ٽي 20 سريز جي تياري لاءِ پاڪستاني ٽيم جي  پريڪٽس جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو جڏهن ته هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر  جو ڌيان اسٽرائيڪ ريٽ بهتر ڪرڻ ۾ لڳل رهيو . پاڪستان ٽيم ٽريننگ جي ٻئي ڏينهن دوران هيڊ ڪوچ جو ڌيان اسٽرائيڪ ريٽ بهتر بڻائڻ تي لڳل رهيو. فخر زمان، احمد شهزاد ۽ حارث سهيل اسٽروڪ کيڏڻ سان گڏ رننگ بهتر  بڻائڻ ۾ لڳل رهيا. شعيب ملڪ پڻ پنهنجي ٽائمنگ، بهتر بڻائڻ، حسين طلعت بيٽ ۽ بال ٻنهي سان پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪيو ۽ ڪجهه سٺن اسٽروڪن تي بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور  سندس تعريف ڪئي. فهيم اشرف به سيشن ۾ ڪريز کان ٻاهر نڪري جارحاڻي انداز ۾ اسٽروڪ کيڏيا،فاسٽ بالرن رنسون تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اظهر محمود جي مشورن تي عمل ڪيو، شاداب خان ۽ محمد نواز ٻنهي نيٽ ۾ اسپين بالنگ جو جادو جڳايو . فيلڊنگ سيشن ۾ اسٽيو رڪسن ميدان جي چئني پاسن طرف بال اڇلائيندي فيلڊرن کان ڊوڙائيندي ڪيچ پڪرڻ جو چيو، ڪپتان سرفراز احمد بيٽنگ سان گڏ وڪيٽ ڪيپنگ جو الڳ سيشن پڻ ڪيو، هن سنگل وڪيٽ تي ساڄي کاٻي پاسي کان ايندر بال تي پنهنجي وڪيٽ ڪيپنگ جي پريڪٽس ڪئي ۽ اسٽمپنگ جون خاص مشقون ڪيون، تيارين جو اهو سلسلو جاري ئي هو ته برسات وچ ۾ رنڊڪ اچي وڌي. جنهن بعد پريڪٽس سيشن ختم ڪيو ويو .ياد رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم اسڪاٽ لينڊ سان ٻن ٽي 20 ميچن لاءِ ايڊنبرا ۾ موجود .

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ: شروعاتي 10 بهترين بيٽسمينن ۾ هڪ به پاڪستاني شامل نه

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ رينڪنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے