16 جمعہ , نومبر 2018

افعانستان ۾ جنگبندي هڪ هاڪاري اڳڀرائي آهي: صدر ممنون حسين

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته افعانستان ۾ امن اسان جي گڏيل خواهش ۽ افغانستان ۾ جنگبندي هڪ هاڪاري اڳڀرائي آهي. شنگهائي سهڪاري تنظيم کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻطرفن بنيادن تي جٽادار حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهن، افغانستان ۾ امن اسان جي گڏيل خواهش ۽ افغانستان ۾ جنگبندي هڪ هاڪاري اڳڀرائي آهي، پاڪستان امن ۽ استحڪام لاءِ هميشه وانگر سهڪار جاري رکندو. هن چيو ته افغان صدر اشرف غني طرفان طالبان کي سهڪار جي آڇ جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان ۽ افغانستان گڏيل حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾ ڪاروبار لاءِ صورتحال ۾ بهتري آئي ۽ ڪجهه سالن دوران پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال مستحڪم ٿي آهي، اسان ذميوارين جي ادائيگي ۾ سرخرو ٿي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته  پاڪستان جي تجربن سان شنگهائي سهڪار جي تنظيم فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي. صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو خاتمو ڪري قيمتي تجربا حاصل ڪيا آهن، پاڪستان ۾ جمهوري قدر ۽ ادارا مضبوط ٿي رهيا آهن، اميد آهي ته اليڪشن کانپوءِ پاڪستان ۾ وڌيڪ استحڪام پيدا ٿيندو.  هن چيو ته پاڪستان جي ڪاميابين کي سي پيڪ وڌيڪ هٿي ڏني آهي، پاڪستان ان لحاظ کان ڏکڻ ايشيا ۾ پهرين ۽ عالمي سطح تي پنجين نمبر تي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان خانگي سيڙپڪارن لاءِ بهترين منزل قرار ڏنو ويو آهي، پاڪستان جي ڪارڪردگي عالمي ادارن ۾ هاڪاري طور رڪارڊ ٿي آهي، هلندڙ سال جي ڊي پي جي شرح گذريل ڏهائي ۾ سڀ کان بلند رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪاروبار لاءِ صورتحال بهتر ٿي آهي، پاڪستان ۾ سروسز ۽ زراعت جي شعبي ۾ ترقي ذڪر جوڳي آهي. صدر ممنون حسين چيو ته سي پيڪ پاڪستاني معيشت کي وڌيڪ هٿي ڏني آهي، جٽادار امن، استحڪام ۽ گڏيل اعتماد کي هٿي لاءِ خاص انتظام ڪيا وڃن، خاص قدمن سان خطي جي ملڪن ۾ واپار، اقتصادي سرگرمين کي هٿي ملندي. هن چيو ته خطي جي سمورن ترقياتي منصوبن خاص طور تي موصلات جي شعبي کي حمايت ڪئي وڃي، شنگهائي جذبي تحت ترقي ۾ ڀائيوار جي رهنما اصول کي نظر ۾ رکيو وڃي، ان سلسلي ۾ ون بيلٽ ون روڊ ۽ سي پيڪ خاص طور تي ذڪر جوڳا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوستي تي معاملا نه هلندا، وزيراعظم کي بي لغام اختيار نه آهن: چيف جسٽس

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار زلفي بخاري مقرري ڪيس ۾ رمارڪس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے