17 ہفتہ , نومبر 2018

جهانگير ترين جو پٽ علي ترين چونڊ نه وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين جي پٽ علي ترين جولاءِ ۾ رٿيل عام چونڊن تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. علي ترين سوشل ميڊيا تي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ اليڪشن تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ علي ترين چيو ته ٽڪيٽ اهڙي اميدوار کي ملڻ گهرجي جيڪو بهترين اميدوار آهي، بهترين اميدوار اهو آهي جيڪو صبح منجهند شام  رات پنهنجي پارٽي لاءِ محنت ڪندو آهي. هن چيو ته  بهتر اميدوار اهو آهي جيڪو ووٽرز وٽ ويندو آهي ۽ کين متحرڪ ڪندو آهي. سندس چوڻ هو ته گذريل چونڊن ۾ اسان گڏجي محنت ڪئي، اليڪشن ته اسان نه کٽي سگهياسين پر حڪومت خلاف 90 هزار ووٽ حاصل ڪيا جيڪا وڏي ڪاميابي آهي. علي ترين چيو ته مان هن وقت آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ماسٽرز ڪري رهيو آهيان جيڪا سيٽپمبر ۾ مڪمل ٿيڻي آهي ۽ چونڊون جولاءِ ۾ ٿي رهيون آهن، جون ۽ جولاءِ چونڊ مهم جا مهينا آهن، منهنجي مجبوري آهي جو چونڊن ۾ وقت نه ٿو ڏئي سگهان.  هن چيو ته مان پنهنجو 100 سيڪڙو ووٽ چونڊ مهم ۾ نه ٿو ڏئي سگهان تنهن ڪري مان سمجهان ٿو ته مان پارٽي ٽڪيٽ جو حقدار نه آهيان. علي جهانگير ترين عوام کي اپيل ڪئي ته پي ٽي آءِ جنهن اميدوار جي چونڊ ڪري ان جي حمايت ڪئي ۽ کيس ڪامياب ڪرايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے