20 ہفتہ , اکتوبر 2018

پ پ دور جي استادن جو پگهارن لاءِ سپريم ڪورٽ آڏو احتجاج، 2 بيهوش، چيف جسٽس جو نوٽيس

ڪراچي(رپورٽر ) پير مظهر جي وزارتي دور ۾ ڀرتي ٿيل استادن جو 6 سالن کان پگھارون نه ملڻ خلاف سپريم ڪورٽ رجسٽري اڳيان احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، چيف جسٽس معاملي جو نوٽس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري تعليم کي سپريم ڪورٽ طلب ڪري ورتو، پگھارون جاري ڪرڻ جو حڪم، چيف سيڪريٽري چيف جسٽس کي ٻڌايو ته غيرقانوني ڀرتيون هجڻ سبب کين پگھارون نه پيا ڏيون، جنهن تي چيف جسٽس کين حڪم ڏنو ته سومر تي استادن جو رڪارڊ چيڪ ڪري کين پگھارون ڏنيون وڃن، ڌرڻي سبب 2 ماسترياڻيون بيهوش، پيپلز پارٽي جي سينيٽر مولا بخش چانڊيو جي رستا روڪ ڪندي مڇريل استادن کيس ميڊيا سان به ڳالهائڻ نه ڏنو، احتجاج ڪندڙ استادن جو چوڻ آهي ته جمهوري دور ۾ اسان سان آمريت وارو روِيو رکيو ويو، 6 سالن کان پگھارون ڏيڻ بجاءِ پ پ پ حڪومت لٺيون وسائيندي رهي. ان حوالي سان سال 2012ع ۾ پير مظهر جي وزارتي دور ۾ تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيل استادن پاران ابوبڪر ابڙو، افضل ڪوريجو، سُڌير ڇڄڻ، ظهير بلوچ، علم الدين ڇڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ رجسٽري اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. استادن جي ڌرڻي سبب 2 ماسترياڻيون شازيه، شمشاد بيهوش ٿي ويون. جڏهن ته استادن جي ڌرڻي جو نوٽس وٺندي هنگامي بنيادن تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري تعليم کي گھرائي ورتو. چيف جسٽس پاران چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ويو ته استادن کي ٻن ڏينهن ۾ پگھارون جاري ڪيون وڃن. جنهن تي عدالت کي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ ٻڌايو ته جن استادن کي پگھارون نه پيون ڏنيون وڃن انهن جو ڀرتيون غيرقانوني ٿيل آهن. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سومر تي سمورن استادن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي. ۽ کين فوري طور تي پگھارون  ڏنيون وڃن. جڏهن ته ان کان اڳ استادن جي احتجاج دوران پيپلز پارٽي جو سينيٽر مولا بخش چانڊيو جيئن ئي سپريم ڪورٽ رجسٽري کان ٻاهر نڪتو ته مڇريل استادن شيم شيم جا نعرا هنيا ۽ مولا بخش چانڊيو کي ميڊيا سان ڳالهائڻ به نه ڏنو. جنهن سبب سينيٽر پنهنجي گاڏي ۾ ويهي ميڊيا سان ڳالهائڻ بغير ئي روانو ٿي ويو. ان حوالي سان استاد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سال 2012ع ۾ پيپلز پارٽي جي دور ۾ ئي پير مظهر تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪيو هو. ان وقت سموريون قانوني گھرجون مڪمل ڪري آفر آرڊر ۽ جوائننگ ڏني وئي هئي. 6 سالن کان لاڳيتو احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ان باوجود سنڌ سرڪار پگھارون نه پئي ڏئي. هنن چيو ته نوجوانن سان 6 سالن تائين نه صرف مذاق ڪئي وئي پر سرڪار پڙهيل لکيل عورتن ۽ نوجوانن تي لٺبازي ڪئي. گرفتار ڪري ٿاڻن ۾ بند ڪيو ويو ۽ مختلف طريقن سان هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر اسان جو جائز مطالبو هو ان ڪري احتجاج جاري رکيو. هنن اهو پڻ چيو ته عيد تي ٻارڙن جي خريداري به ناهيون ڪري سگھيا. ايمانداري سان نوڪري ڪري رهيا آهيون. روڊ رستن تي پوليس جون لٺيون کائڻ بعد مجبور ٿي چيف جسٽس کان انصاف گھُرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ رجسٽري اڳيان احتجاج تي مجبور ٿيا آهيون. چيف جسٽس ثاقب نثار مان انصاف جي اميد آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي پگھارون ڏياري بيچيني ختم ڪئي وڃي.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kandhar Polls: Afghan election commissioners recommend suspending Kandahar vote

افغانستان ۾ اڄ چونڊ، دهشتگردي بعد قنڌار ۾ ملتوي

ڪابل(م ڊ) پوليس چيف عبدالرازق جي قتل کانپوءِ افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ اڄ ٿيندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے