17 ہفتہ , نومبر 2018

انگلش ٽيم کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي: ڪيون پيٽرسن

لنڊن(اسپوٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڪيون پيٽرسن چيو آهي ته انگلش ڪرڪيٽ رخ درست ناهي ناهي، ڪيون پيٽرسن انگلش ڪرڪيٽ کي ڊائريڪشن تي سوال اٿاريندي خبردار ڪيو آهي ته ون ڊي ڪرڪيٽ تي تمام گهڻو ڌيان ڏيڻ،  انهن مداحن کي پاسيرو ڪرڻ تي مجبوري ڪري ڇڏيندي جيڪي ٽيسٽ ۾ دلچسپي رکن ٿا. گذريل ٻن ورهين دوران انگلش ٽيم رنگين وردي ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ان ۾ ڪافي بهتري آئي آهي، پر ان دوران ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي انتهائي مايوس ڪندڙ رهي آهي. پيٽرسين چيو ته هو اهو ڄاڻي ٿو ته انگلش ٽيم ڪنهن طرف وڃڻ چاهي ٿي،  اسان آءِ سي سي عالمي ٽي 20 ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهيون، گهر ۽ گهر کان ٻاهر ايشز سريز ۾ ڪاميابي ملي،  ڀارت کي ڪجهه عرصو اڳ سندس سرزمين تي شڪست ڏني، انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جا مداح ون ڊي ۽ ٽي 20 کان وڌيڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي فڪر ڪن ٿا ۽ هن وقت ان تي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. انگلش ٽيم کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

India vs Ireland, Highlights ICC Women's World T20: India Beat Ireland To Reach Semi-Finals

وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: آسٽريليا جو ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جو آئرلينڊ سان مقابلو

 پروويڊنس (ويب ڊيسڪ )  آءِ سي سي وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ڪپ ۾ اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے