15 جمعرات , نومبر 2018

گوجرانوالا ۾ سوشل ميڊيا تي ڇوڪري ٿي اغوا ڪندڙ ٽولي جا 2 ميمبر گرفتار

گوجرانوالا ( ويب ڊيسڪ ) گوجرانوالا ۾ سوشل ميڊيا تي دوستي کانپوءِ شهرين کي اغوا ڪندڙ ٽولي جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته پوليس ٽولي جي ٻن ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گوجرانوالا پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ شهري کي بازياب ڪرائيندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جاچ دوران خبر پئي ته گرفتار جوابدار اهڙي ٽولي سان واڳيل آهن جيڪي سوشل ميڊيا تي ڇوڪري ٻنجي شهرين سان زبردستي دوستي ڪن ٿا ۽ پوءِ کين ملاقات لاءِ گهرائي اغوا ڪري وٺن ٿا. گرفتار جوابدارن پنهنجي ڪريل ڪاررواين لاءِ ڇوڪرين جي نالي سان سوشل ميڊيا تي ڪيترائي اڪائونٽ بڻائي رکيا هئا ۽ پنهنجي دوستن کي ملاقات  جي بهاني گهرائي پوءِ کين اغوا ڪندا ۽ پوءِ مغوين جي گهر وارن سان ڳرو ڀنگ وٺندا هئا. پوليس گرفتار ڪيل ٻنهي جوابدارن کي هڪ فون ڪال ٽريس ڪري گرفتار ڪيو جڏهن ته ٽولي جي ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ به ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مني لانڊرنگ ڪيس: انور مجيد ۽ حسين لوائي جي وڌيڪ رمانڊ تي فيصلو محفوظ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ )  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي انور مجيد، حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے