19 پیر , نومبر 2018

لاهور جو سڀ کان وڏو سياسي دنگل وڙهڻ لاءِ تيار آهيان: خواجه سعد

The 100-day program of Tehreek-e-Insaf is based on claims and phrases: Saad Rafiqلاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته تڪ تبديل ڪرڻ جا افواهه مخالفن جي واويلا آهن، اين اي 129 ۽ 131 تان نامزدگي ڪاغذ سڀاڻي جمع ڪرائيندس، لاهور جو سڀ کان وڏو سياسي دنگل وڙهڻ لاءِ تيار آهيان. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته منهنجو اڳوڻو تڪ اين اي 131، 129 ۽ 132 ورهايو ويو آهي، رڳو تحريڪ انصاف کي فائدو ڏيڻ لاءِ اين اي 125 جا 3 ٽڪرا ڪيا ويا جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي تڪبندين جي بنيادي اصولن کان ڦرڻ افسوس جوڳو عمل آهي. هن چيو ته منهنجو تڪ تبديل ڪرڻ جا افواهه مخالفن جي واويلا آهي، مان لاهور جو سڀ کان وڏو سياسي دنگل وڙهڻ لاءِ تيار آهيان، اين اي 129 ۽ اين اي 131 تان نامزدگي ڪاغذ سڀاڻي جمع ڪرائيندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين پاڪستان ۾ هاڻ برابري جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون، ڊور مور نه ٻڌبو: شهريار آفريدي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي سڀ کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے