17 ہفتہ , نومبر 2018

نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سڀاڻي آخري ڏينهن، وڌيڪ ڪيترن ئي اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

The decision not to notify assets details on the websiteڪراچي( ويب ڊيسڪ ) عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جي سڀاڻي آخري ڏينهن آهي جڏهن ته وڌيڪ ڪيترن ئي اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. پنجاب اسيمبلي جي سيٽن تي 235 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. مسلم ليگ ن اڳواڻ چوڌري نثار مجموعي طور تي ٽن سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. چوڌري نثار علي قومي اسيمبلي جي اين اي 59 ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻن سيٽن پي پي 10 ۽ 12 لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. هنن طرفان شيخ اسلم ۽ شيخ ساجد فارم جمع ڪرايا آهن. مسلم ليگ ن جي اختر حسين بادشاهه، غزالي سليم بٽ، چوڌري اختر ۽ فيصل ايوب کوکر به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. تحريڪ انصاف اڳواڻ جاويد علي پي پي 167 ۽ 161 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جڏهن ته مراد راس پي پي 159، وليد اقبال پي پي 158 ۽ 161 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.  جماعت اسلامي جي اڳوڻي ايم پي اي وسيم اختر اين اي 170 بهاولپور لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڊاڪٽر قادر مگسي اين اي 213 نوابشاهه تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جڏهن ته مسلم ليگ ن جي صوبائي صدر شاهه محمد شاهه اين اي 223 مٽياري جي تڪ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. اين اي 230 بدين گولاڙچي تان پ پ جي حاجي رسول بخش چانڊئي طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے