21 بدھ , نومبر 2018

ڪم جونگ آمريڪي صدر سان تاريخي ملاقات لاءِ سنگاپور پهچي ويو

Working with the US President visited a Singapore meetingسنگاپور(ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا  جو سربراهه ڪِم جونگ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات لاءِ سنگاپور پهچي ويو. سنگاپور جي چانگي ايئرپورٽ پهچڻ تي پرڏيهي وزير ويويان بلڪرشنان ڪِم جونگ جو استقبال ڪيو ۽ سندس استقبال جي هڪ تصوير پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان شيئر ڪئي. اتر ڪوريا جو سپريم ليڊر اڄ سنگاپور جي وزير اعظم لي هيسن لونگ سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪم جونگ جي وچ ۾ 12 جون تي ملاقات رٿيل آهي، جنهن لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سنگاپور جي وزير اعظم صحافين کي ٻڌايو ته ان ملاقات تي 15 ملين ڊالر جي لاڳت ايندي. ٻئي پاسي ڪينيڊا ۾ جي سيون ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سندس خيال ۾ ڪم جونگ پنهنجي عوام لاءِ ڪجهه سٺو ڪرڻ چاهي ٿو جنهن لاءِ هن وٽ بهترين موقعو آهي ۽ اهڙو موقعو ٻيهر نه ايندو. آمرڪي صدر  اڳڪٿي ڪئي ته جيڪڏهن ڪم جونگ سان هن جي ملاقات ٿي ته هن کي خبر آحي ته ملاقات جو ڪو به نتيجو نه نڪرندو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سندس خيال ۾ هو ملاقات جي پهرين منٽ ۾ ئي اهو ڄاڻي وٺندو ته ملاقات ڪيئن هوندي، پر جيڪڏهن ملاقات ڪو به فائدو نه ڏئي سگهي ته پاڻ ۾ ملاقات  ته ڪري وٺنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪابل ۾ مذهبي اجتماع دوران آپگهاتي ڌماڪي ۾ مارجي ويل جو انگ وڌي 50 ٿي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ مذهبي اجتماعن ۾ آپگهاتي ڌماڪن جي نتيجي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے