21 بدھ , نومبر 2018

ويمنز ٽي 20 ايشيا ڪپ: بنگلاديش ڀارت کي شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

Williams T20 - Asia Cup: Bangladeshi India defeated India by Tiwalڪوالالمپور(اسپورٽس نيوز) ويمنز ٽي 20 ايشيا ڪپ  ۾ بنگلاديش ڀارت کي شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. بنگلاديش ٽيم ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ڀارتي ٽيم مقرر اورن 9 وڪيٽن جي نقصان تي 112 رنسون ٺاهيون، ڪپتان هرمن پريست ڪور سڀ کان وڌيڪ 56 رنسون اسڪور ڪيون، بنگلاديش جي طرفان خديجه الڪبري ۽ رومنه احمد 2، 2 جڏهن ته سلميٰ خاتون ۽ جهان آرا عالم هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.  بنگلاديش 113 رنسن جي ٽارگيٽ پٺيان ڊوڙندي دلچسپ مقابلي بعد 7 وڪيٽن جي نقصان تي ميچ جي آخري بال تي ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل پنهنجي نالي ڪيو. آخري ۾ بنگلاديش ويمنز ٽيم کي 9 رنسون گهربل هيون جڏهن ته ان جون پنج وڪيٽون باقي هيون، پهرين بال تي چوڪي سميت 6 رنسون ٺهيون ان بعد لاڳيتو ٻنهي بالن تي ٻه وڪيٽون ڪريون،  سنجيدا اسلام ڪيچ آئوٽ جڏهن رومانه احمد سنگل کي ڊبل ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رن آئوٽ ٿي وئي، آخري بال تي جهان آرا ٻه رنسون ٺاهيندي ٽيم جي سر تي ايشيا ڪپ جو ٽائٽل سجايو. نگار سلطانه 27 رنسون اسڪور ڪيون، رومانه احمد 23، عائشه رحمان 17 ۽ شميمه سلطانه 16 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيون. ڀارتي ويمنز ٽيم طرفان پونم ياديو 9 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، هرمن پريت ڪور 2 پليئرن کي آئوٽ ڪيو رومانه احمد  کي ميچ جڏهن ته هرمن پريت ڪور کي ٽورنمامنٽ جي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

آسٽريلوي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو پهريون ويٽرنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ اڄ کان شروع

سڊني (ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ويٽرنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ منعقد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے