18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: رسول بخش پليجو هڪ جدوجهد جو نالو هو: سياسي سماجي اڳواڻ

Rasul bux palijo was the name of a struggle: the political social leaderسياسي سماجي اڳواڻن، اديبن، دانشورن ۽ صحافين چيو آهي ته رسول بخش پليجي سڄي حياتي پيڙهيل طبقي لاءِ آواز اٿاري عوام کي متحرڪ ڪيو، جنهن جي ارادن کي جيل جون صعبتون به ڪمزور نه ڪري سگهيون

حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ عوامي تحريڪ پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو

رسول بخش خاصخيلي، جامي چانڊئي، امر سنڌوءَ، حسين مسرت، مير حسن آريسر، بخلشل ٿلهي ۽ نور نبي پليجي سوڌو ٻين شرڪت ڪئي

ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هنن چيو ته رسول بخش هڪ جدوجهد جو نالو آهي، جنهن مارشل واري دور ۾ ضياءُ خلاف آواز اٿاري يارهن سال جيل جون صعبتون برداشت ڪيون،

اڳواڻن رسول بخش پليجي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پليجو هڪ شخص نه پر هڪ ادارو هو، جنهن هزارين نوجوانن کي هارين، مزدورن ۽ پٺتي پيل ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو اُتساهه پيدا ڪيو…………………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے