18 اتوار , نومبر 2018

رپورٽ: بدين : کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ ڪيل بک هڙتال ختم

Badin: hunger strike for free people lost* سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ مختلف شهرن ۾احتجاج جو سلسلو جاري آهي، کنڀيل ماڻهن جا وارث ۽ سياسي سماجي اڳواڻ سراپا احتجاج آهن.

بدين ۾گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ ضلعي مان کنڀيل  رضا جروار، شادي خان سومرو، عزيز گرگيز ۽ نور احمد ٻگهئي جي وارثن سميت سياسي سماجي اڳواڻن جي بک هڙتال جوس پياري ختم ڪرائي وئي.

بک هڙتالي ڪئمپ ۾ھيومن رائيٽس ڪميشن پاڪستان جي وائيس چيئرمين اسد اقبال بٽ، جسقم آريسر جي چيئرمين امير آزاد پنھور، سورٺ لوھار، بدر سومرو، سورھيه سنڌي، سعيده بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن جو چوڻ هو ته سندن پيارن کي بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي، لڳاتار احتجاج باوجود سندن ڪو به ڏس پتو نٿو پئي….ايس او ٽي…

عوامي آواز ٽي وي سان ويچار ونڊيندي احتجاج ۾شريڪ سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ڪيترن ئي سالن کان وٺي کنڀي گم ڪيل ماڻھن جو ڪو به پتو نه آھي، قانون موجب ڪنهن تي ڪو ڪيس آھي ته ان کي عدالتن ۾ پيش ڪرڻو آهي هتي عدالتي نظام ڪمزور آهي…ايس او ٽي…

احتجاج ۾گم ڪيل ماڻهن جي وارثن ۽ شهرين معصوم ٻارڙن سميت وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.

گم ڪيل ماڻهن جي وارثن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهو بنا دير آزاد ڪرائي سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے