15 جمعرات , نومبر 2018

26 مهينن جي محنت رنگ لاتو، ٿر مان کوٽائي دوران ڪوئلو نڪري آيو

مٺي (ويب ڊيسڪ) ٿر ڪول ايريا مان پهريون ڀيرو  کوٽائي دوران ڪوئلو نڪري آيو ، 140 ميٽر  جي کوٽائي کانپوءِ ڪوئلي جو پهريون تهه ظاهر ٿي ويو آهي .  اينگرو ڪول مائينر  ڪمپني جي ترجمان موجب 140 ميٽر کوٽائي کانپوءِ ڪوئلي تائين پهچ  ملي وئي آهي  ۽ ڪوئلي  جو پهريون تهه  ظاهر ٿي ويو آهي .  ترجمان شمس الدين شيخ موجب  26 مهينن جي مسلسل  محنت ۽ کوٽائي بعد اها ڪاميابي حاصل ٿي آهي . ان موقعي تي  ڪمپني جي ملازمن خوشي جو اظهار ڪيو  ۽ نعرا پڻ هنيا  . عام طور تي چيو پيو وڃي ته پاڪستان توانائي مسئلن  جو حل ٿر ۾ دفن آهي . اپريل 2016 ۾ ٿر جي هڪ بلاڪ مان ساليانو 38 لک ٽن ڪوئلو ڪڍڻ  وارو ڪم شروع ڪيوآهي . 2019 جي پهرين ڇهن مهينن  تائين  ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ  جو عمل  شروع ٿيڻ جي اميد ظاهر  ٿي  آهي …

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب، 11نقطائي ايجنڊا تيار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے