17 ہفتہ , نومبر 2018

سينئر وڪيل خواجه حارث نواز شريف خلاف نيب ريفرنسز کان ڌار ٿي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينئر وڪيل خواجه حارث ۽ سندس ٽيم اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف نيب ريفرنسز کان ڌار ٿي ويو آهي. احتساب عدالت ۾ نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران خواجه حارث عدالت مان پنهنجو وڪالت نامو واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي. خواجه حارث عدالت کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ته سپريم ڪورٽ نواز شريف خلاف ٽنهي ريفرنسز جو ٽرائل 6 هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ بابت سندس موقف کي قبول نه ڪيو ۽ اها ڊڪٽيشن به ڏني ته هڪ هفتي ۾ ريفرنسز جو فيصلو ڪيو وڃي. خواجه حارث چيو ته کيس عدالتي وقت بعد به ڪم ڪرڻ جي ڊڪٽيشن ڏني وئي آهي ۽ ڇنڇر ۽ آچر تي به عدالت لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. هن چيو ته اهڙين حالتن ۾ ڪم جاري نه ٿو رکي سگهان. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ٽنهي ريفرنسز کي گڏ ڪرڻ بابت سندس موقف کي به قبول نه ڪيو، جڏهن ته هڪ پروفيشنل وڪيل جي حيثيت ۾ مان سمجهان ٿو ته ٽنهي ريفرنسز ۾ گڏ دليل ڏئي سگهجن ٿا. خواجه حارث جي فيصلي کانپوءِ نواز شريف خلاف ٽئي ريفرنسز رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ جيستائين نواز شريف ڪو ٻيو وڪيل مقرر نه ڪندو ڪارروائي اڳتي نه وڌي سگهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ظلم جو نشانو بڻجڻ جي باوجود ڪڏهن به انتقام جي سياست ناهي ڪئي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان ظلم ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے