20 ہفتہ , اکتوبر 2018

سپريم ڪورٽ پاران مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ کولڻ جو حڪم

The passport block of former President Pervez Musharraf, the order to seize propertyاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي ٽرائل لاءِ ٻن ڏينهن ۾ خاص عدالت قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني خاص بئنچ لاهور رجسٽريءَ ۾ عام مفادن بابت مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نادرا چيئرمين عثمان يوسف مبينا کي عدالت ۾ ڏسي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته هو هتي ڪهڙي سلسلي ۾ موجود آهي. نادرا چيئرمين پنهنجي عدالت آمد جو سبب ٻڌايو، چيف جسٽس پرويز مشرف جي وطن واپسي بابت به پڇاڻو ڪيو. نادرا چيئرمين عثمان مبين عدالت کي آگاهه ڪيو ته پرويز مشرف جي واپسي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ هئڻ سبب ممڪن ناهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان مشرف کي ڏيهه واپسي لاءِ تحفظ ڏنو هو، ايئرپورٽ کان عدالت تائين مشرف کي گرفتار نه ڪيو وڃي، سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇو سندس واپسي جو عذر پيدا ڪيو وڃي. چيف جسٽس نادرا کي پرويز مشرف جو بلاڪ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ کولڻ جو حڪم جاري ڪيو. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته پرويز مشرف واپس اچي ۽ پنهنجي ڪيسن کي منهن ڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے