18 اتوار , نومبر 2018

ايشين گيمز: قومي فٽبالرن جي تربيتي ڪيمپ جو پهريون مرحلو اڄ مڪمل ٿيندو

Asian Games: The first phase of National Football Training Camp will be completed todayلاهور(اسپورٽس نيوز) ايشين گميز جي تيارين  لاءِ پاڪستان فٽبال ٽيم جي تربيتي ڪيمپ جو پهريون مرحلو اڄ ختم ٿيندو. 3 ورهين جي ڊگهي عرصي بعد پاڪستان فٽبال ٽيم جي قومي ۽ عالمي سرگرميون ٻيهر شروع ٿي چڪيون آهن، گرين شرٽس کي پهرين مرحلي ۾ هلندڙ سال انڊونيشيا جي گادي واري شهر جڪارتا ۾ شيڊول ايشين گيمز جو چيلنچ کي منهن ڏيڻو پوندو، ايشيائي ايونٽ م عوامي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ غير ملڪي ڪوچ جوز انٽونيو نوگيورا پاڪستاني ڪوچن سان گڏجي ڪراچي ۾ ٿيندڙ چيلنج ڪپ جي ميچن ۾ رانديگرن جي ڪارڪردگي ويجهڙائي کان جائزو وٺندي 60 رانديگرن جي فهرست تيار ڪئي جنهن جي لاهور ۾ ڪيمپ لڳائي وئي. ميڊيا جي رپورٽن موجب فهرست ۾ شامل 60 رانديگرن مان 16 رانديگرن کي فارغ ڪيو ويو آهي جنهن بعد ڪيمپ ۾ موجود رانديگرن جو انگ 44 بچو آهي، وڌيڪ ڄاڻ ملي آهي ته سومر(اڄ) ماڊل ٽائون فٽبال اڪيڊمي لاهور ۾ رات جو 10هين وڳي ٽريننگ ڪندا، غيرملڪي ڪوچ پي ايف ايف جي سليڪشن ڪميٽي سان گڏجي ڪري رانديگرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بعد وڌيڪ رانديگرن جي اسڪروٽني ڪندا . ميديا جي رپورٽن موجب رانديگر اڄ صبح جو جم ٽريننگ ڪندا جنهن بعد ڪيمپ جو پهريون مرحلو ختم ٿي ويندو، 20 جون تي رانديگر هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيمپ ۾ ٻيهر رپورٽ ڪندا، پر ٻئي مرحلي ۾ 44 رانديگرن جي جاءِ تي 35 رانديگر کي گهرايو ويندو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان فٽبال فيڊريشن 3 ورهين جي ڊگهي عرصي بعد پهريون دفعو انڊونيشيا جي گاديءَ واري شهر جڪارتا ۾ 18 آگسٽ کان 2 سپٽمبر تائين رٿيل ايشن گيمز ۾ شرڪت ڪندي، ايشين گيمز ايونٽ ۾ فٽبال سميت 40 راندين جا هزارين رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا. قومي ٽيم جي ايندڙ صلاحيتن جو امتحان ساف فٽبال چيمپيئن شپ آهي جيڪو بنگلاديش ۾ 4 کان 15 سپٽمبر تائين کيڏي ويندي، هن ايونٽ ۾ بنگلاديش، سميت ڀوٽان، ڀارت، مالديپ، نيپال، پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمون شرڪت ڪنديون، ايونٽ ۾ ڀارتي ٽيم پنهنجي ٽائٽل جو بچاءُ ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

India vs Ireland, Highlights ICC Women's World T20: India Beat Ireland To Reach Semi-Finals

وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: آسٽريليا جو ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جو آئرلينڊ سان مقابلو

 پروويڊنس (ويب ڊيسڪ )  آءِ سي سي وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ڪپ ۾ اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے