10 پیر , دسمبر 2018

عراق ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ کان اڳ اسٽور ۾ پيل بليٽ باڪسن ۾ باهه وڪوڙي وئي

Before the re-counting of the vote in Iraq, the bullock was seized in the store in the store بغداد(ويب ڊيسڪ) عراق ۾ گذريل مهيني ٿيندڙ پارلياماني چونڊن بعد ڪيترن ئي سياسي جماعتن طرفان ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي مطالبي جي نتيجي ۾ اسٽور ۾ رکيل ووٽن جي ذخيري ۾ باهه لڳي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اوڀر بغداد ۾ چونڊن دوران رکيل بيلٽ باڪسز اسٽور ۾ پيل هئا ۽ انهن جي ٻيهر ڳڻپ ٿيڻي هئي،  عراقي گهرو وزارت جي ترجمان موجب باهه واقعي واري هنڌ قائم 4 اسٽورن مان ڪنهن هڪ ۾ لڳي. اختيارين  چيو آهي ته اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته باهه ڄاڻي واڻي لڳائي وئي آهي يا نه ، پر ان جي ٽائمنگ اهڙي آهي جنهن سان الڪيشن جي نتيجن تي فرق پوندو،  جن تي اڳ ۾ ڳڻتي واري صورتحال ڇانيل آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني چونڊن ۾ شيعه مسلم صدر وڏي اڪثريت سان چونڊيو ويو هو، جنهن بعد عراق جي ڪيترن ئي سياسي پارٽين ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو هو. ان موقعي ته پارليامنٽ جي الڳ ٿيندڙ اسپيڪر سليم الجبوري چيو آهي ته باهه واري واقعي مان خبر پئي ته چونڊون ٻيهر ٿيڻ گهرجن.  هن پنهنجي هيان ۾ چيو ته بيلٽ باڪسن کي باهه ڄاڻي واڻي لڳائي وائي ته جيئن ووٽن ۾ ٿيندڙ ڌانڌلين ۽ فراڊ کي لڪايو وڃي ۽ عراقي عوام سان ڪوڙ ڳالهايو وڃي. ياد رهي ته سليم الجبوري کي مئي ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ شڪست ملي هئي ۽ هو ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو وڏو حامي آهي، سندس اهڙي مطالبي جي نائب وزيراعظم اياد الاوي به حمايت ڪئي آهي. ٻئي پاسي عراقي وزيراعظم حيدر العبادي واقعي کي چونڊ عمل جي خلاف سازش قرار ڏئي ڇڏيو. مئي ۾ ٿيل چونڊن ۾ حيدرالعبادي ۽ سندس اتحادين پارلياماني چونڊن ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

برطانيا امير ترين ماڻهن لاءِ گولڊن ويزا سروس ختم ڪري ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا دنيا جي امير ترين ماڻهن لاءِ گولڊن ويزا سروس ختم ڪري …