15 جمعرات , نومبر 2018

رپئي جو ملهه ڪري پيو، ڊالر جو ملهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو ملهه 6 رپين تائين وڌي 122 جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ئي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ طوفان اچي ويو آهي ۽ رپيه جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ هڪدم 6 رپين کان وڌيڪ جو اضافو ڏٺو ويو آهي. سومر جي ڏينهن جي شروعات تي ئي پرڏيهي ڪرنسي جي مقابلي ۾ رپيه تي شديد دٻاءُ ڏٺو ويو ۽ آمريڪي ڊالر ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 122 رپيه ۾ ٽريڊ ٿيو آهي. برطانوي پائونڊ جو ملهه 6 رپيه 21 پئسا اضافي سان 161 رپيه 30 پئسا جڏهن ته يورو جو ملهه 5 رپيه 72 پئسا اضافي سان 141 رپيه 87 پئسا ٿي ويو آهي. انٽر بئنڪ جي سطح تي ڊالر ۽ ٻي اهم پرڏيهي ڪرنسين جي ملهه ۾ اوچتو اضافي سان اوپن مارڪيٽ ۾ به زبردست بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. ٻئي طرف ڊالر جي ملهه ۾ گهٽتائي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي هاڪاري اثر وڌا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے