21 بدھ , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ موبائيل ڪارڊز تي ٽيڪس جي اوڳاڙي معطل ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ موبائيل فون بيلنس ري چارج ڪارڊ تي وصول ٿيندڙ ٽيڪس معطل ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ موبائيل فون تي اضافي ٽيڪس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران عدالت ٽيڪس معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ عدالتي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي. عدالت وڌيڪ حڪم جاري ڪيو ته جنهن جي موبائيل فون جو استعمال مقرر حد کان وڌيڪ آهي تنهن کان ٽيڪس ورتي وڃي ۽ موبائيل فون ڪارڊز تي ٽيڪس جي اوڳاڙي لاءِ جٽادار پاليسي جوڙي وڃي. عدالت چيو ته موبائيل ڪارڊز تي موبائيل ڪمپنيون ۽ ايف بي آر ٽيڪس وصول ڪنديون آهن، هتي ماڻهن کان ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي، هڪ ماڻهو ٽيڪس نيٽ ورڪ ۾ نه ٿو اچي ته ان کان ٽيڪس ڪيئن تي اوڳاڙي سگهجي. عدالت چيو ته 100 رپين جو ڪارڊ لوڊ ڪرڻ تي 64 ڏهائي 38 پئسا وصول ڪيا ويندا آهن جيڪو غير قانوني عمل آهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ريڙهي هلائيندڙ کان ڪيئن ٽيڪس اوڳاڙي سگهجي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے