19 پیر , نومبر 2018

حمزا شهباز ۽ عائشه احد ۾ معاملا طئي ٿي ويا، چيف جسٽس ڪيس اڪلائي ڇڏيو  

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزا شهباز عائشه احد طرفان شاديءَ جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته چيف جسٽس ثاقب نثار ٻنهي ۾معاهدي ذريعي ڪيس اڪلائي ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ عائشه احد ۽ حمزا شهباز بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عائشه احد تي تشدد جي الزام هيٺ حمزا شهباز عدالت ۾ پيش ٿيو. سپريم ڪورٽ جي روبرو عائشه احد موقف اختيار ڪيو ته سندس حمزا شهباز سان 2010ع ۾ شادي ٿي، عدالت جي پڇاڻي تي حمزا شهباز عائشه احد سان شادي کان انڪار ڪيو. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ته ٻنهي ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري سگهان ٿو، يا وري معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙيان ٿو.  عدالت عائشه احد ۽ حمزا شهباز شريف کي پنهنجي چيمبر ۾ گهرائي ورتو. ٻڌڻي دوران حمزا شهباز شريف جي وڪيل زاهد بخاري دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته چيف جسٽس کيس روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته مان ٻنهي متاثر ڌرين جو موقف ٻڌڻ چاهيان ٿو، حمزا شهباز جي وڪيل چيو ته مان چيف جسٽس صاحب توهان جو ادب ۽ احترام ڪريان ٿو. چيف جسٽس چيو ته توهان ادب نه ڪندا ته اسان کي ڪرائڻ ايندو آهي. زاهد حسن بخاري چيو ته جيڪو ڪرايو وڃي اهو ادب نه هوندو آهي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار هڪ ڪلاڪ تائين چيمبر ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ معاملو اڪلائي ڇڏيو.  عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته حمزا ۽ عائشه هڪ ٻئي خلاف ڪيس واپس وٺندا، جڏهن ته هڪ ٻئي خلاف بيان بازي نه ڪئي ويندي. چيف جسٽس چيو ته ٻنهي ڌرين ۾ معاملا طئي ٿي چڪا آهن، جيڪي ميڊيا تي ظاهر نه ڪيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan fall short as NZ win Abu Dhabi thriller

ابوظهبي ٽيسٽ: نيوزيلينڊ سخت مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز )ابوظهبي ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي چئن رنسن تان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے