16 جمعہ , نومبر 2018

پاڪستان ريلوي طرفان عيد تي بزرگ شهرين لاءِ مفت سروس جو اعلان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ريلوي پهريون ڀيرو عيد جي موقعي تي بزرگ شهرين لاءِ مفت سروس فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.  پاڪستان ريلوي ننڍي عيد جي موقعي تي شهرين لاءِ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. 65 سال ۽ وڌيڪ عمر جا شهري عيد جي پهرين ۽ ٻئي ڏينهن سمورين ٽرينن جي سمورن ڪلاسن ۾ مفت سفر طئي ڪري ڇڏيندا. ريلوي جي نگران وڏي وزير روشن خورشيد ڀروچا جي هدايت تي ريلوي سينئر سٽيزن عيد پيڪيج جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب سڃاڻپ ڪارڊ جي نقل تي ايڊوانس بڪنگ ۽ اي ٽڪٽنگ به مفت ٿيندي پر سفر دوران اوريجنل ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ لازمي هوندو، ريلوي اسٽيشنن تي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ تي بزرگ عورتن ۽ مردن کي بنا ڀاڙي جي ٽڪيٽ جاري ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے