22 پیر , اکتوبر 2018

سلمان خان جي قتل جو منصوبابندي ڪندڙ شخص گرفتار

Salman Khan's murderer planning was arrestedممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سلطان سلمان خان جي قتل جي منصوبابندي ڪندڙ جوابدار کي پوليس کي گرفتار ڪري ورتو. ڀارتي ميديا جي رپورٽن موجب هريانه پوليس جوابدار جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته 28 ورهين جي سمپت نهرا جو واسطو رجسٿان جي بشنوئي قبيلي جي بااثر ۽ ڏوهاري سرگرمين ملوث گروهه لارينس بشنوئي جي گينگ سان آهي جيڪو سلمان خان جي قتل جي منصوبابندي جي تحت ريڪي لاءِ ممبئي ويو هو ۽ هن اداڪار جي گهر جون ڪجهه تصويرون ۽ ان جي گهر ايندڙ  ۽ ويندڙ سمورن رستن جي پنهنجي موبائل تان ويڊيو پڻ ٺاهي هئي. ڊي آءِ جي هريانا ستيش بالن وڌيڪ انڪشاف ڪندي چيو ته نهرا ممبئي اچي نه رڳو هن جي گهر جو دورو ڪيو پر مداحن سان ملڻ لاءِ سلمان خان جي بالڪوني ۾ اچڻ جو وقت به نوٽ ڪيو ۽ ايستائين جو هن سلمان خان جي گهر جي بلڪل ويجهو واري هنڌ پهتو اتان کان سلمان خان جي گهر جي بالڪوني جو مفاصلو پڻ طئي ڪيو ته جيئن ان هنڌ تان سلمان خان کي نشانو بڻائي سگهجي.  پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته هلندڙ سال جنوري ۾ راجسٿان جي بشنوئي قبيلي جي بااثر ماڻهن ناياب نسل جي ڪاري هرڻ جو شڪار ڪرڻ واري معاملي تي سلمان خان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. ياد رهي ته باليووڊ جي سلطان سلمان خان کي ناياب نسل جي ڪاري هرڻ جي شڪار ڪرڻ واري 19 ورهيه پراڻي ڪيس ۾ ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر جوڌپور جي مقامي عدالت ڪجهه مهينا اڳ ڏوهاري قرار ڏيندي 5 ورهيه قيد ۽ 10 هزار رپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي جنهن بعد کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو  هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوبز ۾ ڪا زبردستي نه پر سڀ ڪجهه رضامندي سان ٿيندو آهي: شلپا شندي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا شلپا شندي بالي ووڊ ۾ پکڙيل ”مي ٽو“ مهم جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے