14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد: سول اسپتال  جي ڊاڪٽرن  جي  لاپرواهي،  ويم لاءِ آيل ڳورهاري عورت واپس رواني

Hyderabad: The illiteracy of the doctors of the Civil Hospital, a woman returned to Vim*حيدرآباد ۾ سول اسپتال  جي ڊاڪٽرن لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي ويم لاءِ آيل ڳورهاري عورت کي واپس روانو ڪري ڇڏيو، ناري ڳوٺ اچي ٻار کي جنم ڏنو جيڪو فوت ٿي ويو

ڳوٺ موليڏنو ميربحر جي رهواسڻ طاهره زال فياض ملاح کي گذريل ڏينهن تڪليف ٿيڻ سبب ويم لاءِسول اسپتال جي گائني وارڊ ۾ آندو ويو.

  ليڊي ڊاڪٽرن  معائنو ڪرڻ بدران ويم ۾ دير هجڻ جو چئي ناري کي  واپس پنهنجي گهر روانو ڪري ڇڏيو.

عورت واپس ڳوٺ پنهنجي گهر پهچندي ئي نياڻي کي جنم ڏئي ڇڏيو،جڏهن ته ٻارڙي ٿوري دير بعد گهر ۾ ئي فوت ٿي وئي.

 ان حوالي سان فياض ملاح ٻڌايو ته ليڊي ڊاڪٽرن سندس گهر واري کي ڏسڻ بدران ويم ۾ ڪجهه ڏينهن دير هجڻ جو چئي روانو ڪري ڇڏيو ۽ سندس گهرواري جي حالت تمام گهڻي خراب هئي.

هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي لاپرواهي ڪندڙ سول اسپتال جي گائني وارڊ جي ليڊي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے