17 ہفتہ , نومبر 2018

چوڌري نثار علي کي نفسياتي ماهر جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر عاصم

The court allowed Dr. Asim to go for treatmentڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته چوڌري نثار کي نفسياتي ماهر جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته مسلم ليگ ن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي تنهن جو ذميوار چوڌري نثار علي آهي. هن چيو ته چوڌري نثار مسلم ليگ ن کي هميشه غلط مشورا ڏنا آهن،کيس نفسياسي ماهر جي ضرورت آهي. عمران خان بابت ڊاڪٽر عاصم چيو ته ريحام خان جي ڪتاب ۾ جيڪڏهن ڪجهه غلط آهي ته معاملو عدالت ۾ وڃڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان کي ڪراچي مان چونڊ وڙهڻ ۾ ڪو به خطرو ناهي، ايم ڪيو ايم جي سياست هاڻي نظر ئي نه اچي رهي آهي، ماڻهو چونڊ مهم ۾ هاڻي ايم ڪيو ايم جي متبادل جي چونڊ ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے