22 پیر , اکتوبر 2018

بابا صديقيءَ جي افطار پارٽي  ۾ باليووڊ انڊسٽري جي مشهور شخصيتن جي شرڪت

Participants of Ballywood industry in Baba Siddiqi's Aftar Partyممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي سياستدان بابا صديقي جي روايتي افطار پارٽي ۾ سلمان خان سميت باليووڊ جي ناليوارين شخصيتن شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. بابا صديقي جي روايتي افطار پارٽي هر سال منعقد جنهن ۾ باليووڊ انڊسٽري جون مشهور شخصيتون شرڪت ڪنديون آهن. ڀارتي سياستدان بابا صديقي جي روايتي افطار پارٽي  باليووڊ جو هڪ وڏو ايونٽ بڻجي چڪي آهي، جنهن ۾ شاهه رخ خان ۽ سلمان خان سميت وچ ۾ ٺاهه ٿيو هو، ٻنهي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ ۾ دوستي وارو رشتو قائم ڪيو هو. هلندڙ سال به افطار پارٽي گذريل ڏينهن ممبئي جي مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي توڙي سماجي شخصيتن سان گڏوگڏ سلمان خان جي والد سليم خان، ڀاءَ ارباز خان سميت سندس ڀينرون پڻ شريڪ ٿيون. افطار پارٽي ۾ انيل ڪپور، شتروگهن سنها، رميش توراني، علي عباس ظفر، سنيل شيٽي، تشاڪپور، رتيش ديشمک سميت ڪيترائي اداڪار شامل هئا. جڏهن باليووڊ سندرين مان شلپا شيٽي، ڪترينا ڪيف، جيڪولين فرنيندش، ڊيزي شاهه، زرين خان، موني راءِ ، رچا چڊا سميت ڪيترن ئي افطار پارٽي ۾ شرڪت ڪئي. فلمي شخصيتن جي شرڪت جتي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا اتي سلمان خان تقريب ۾ آيل مهمانن جي نگاهن جو مرڪز بڻيل رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوبز ۾ ڪا زبردستي نه پر سڀ ڪجهه رضامندي سان ٿيندو آهي: شلپا شندي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا شلپا شندي بالي ووڊ ۾ پکڙيل ”مي ٽو“ مهم جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے