17 ہفتہ , نومبر 2018

نواز شريف جي احتساب عدالت جي 5 جون جي فيصلي خلاف درخواست سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي احتساب عدالت جي 5 جون واري فيصلي جي خلاف درخواست سڀاڻي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي درخواست تي اسلام آباد هاءِڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي، عدالت نواز شريف جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري رکيا آهن. اڳوڻي وزير اعظم درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان کي لنڊن فليٽ ريفرنس ۾ دفاع پهرين ظاهر ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو جڏهن ته ٽنهي ريفرنس ۾ اثاثا بڻائڻ جو هڪ ئي الزام لڳايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيب جي اهم شاهد واجد ضيا جو بيان به ٽنهي ريفرنس ۾ گڏ ڪري ۽ ٽنهي ريفرنسز کي هڪ ئي جاءِ تي هئڻ گهرجي ها، واجد ضيا العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ به پنهنجو بيان وڌيڪ بهتر بڻائي سگهي ٿو. نواز شريف طرفان داخل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته احتساب عدالت اسان جي درخواست رد ڪري قانون خلاف فيصلو جاري ڪيو، واجد ضياءَ جو ٽنهي ريفرنس ۾ گڏيل بيان ريڪارڊ ڪرڻ جو حڪم نامو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے