15 جمعرات , نومبر 2018

اصغر خان ڪيس: رحمان ملڪ ۽ يونس حبيب جو ايف آءِ اي جي آڏو پيشي کان انڪار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اصغر خان ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رحمان ملڪ، امتياز شيخ ۽ يونس حبيب ايف آءِ اي جي سامهون پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ايف آءِ اي طرفان گذريل ڏينهن رحمان ملڪ، يونس حبيب، امتياز شيخ، ايڊووڪيٽ يوسف ميمڻ، ڄام معشوق ۽ ڄام حيدر آفاق کي اڄ پيشي جي لاءِ نوٽيس ڪيا ويا هئا. ايڊووڪيٽ يوسف ميمڻ، ڄام معشوق ۽ ڄام حيدر آفاق احمد ايف آءِ اي جي سامهو پيش ٿيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته رحمان ملڪ ايف آءِ اي اختيارين کي فون تي جواب ڏنو ته ميڊيا کان بچي رهيو آهيان ان ڪري ڪيس ۾ حاضر نٿو ٿي سگهان. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته ايف آءِ اي مون کي طلب نه ڪيو هو پر اڳواڻي جي لاءِ خط لکيو هو. هن چيو ته جنهن وقت اصغر خان ڪيس پيش آيو ته ان وقت آئون ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ ايف هيس، قانون جي روشني ۾ ايف آءِ اي جي اڳواڻي لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته ايف آءِ اي جو خط دير سان مليو، طبيعت ناساز آهي ان ڪري نٿو وڃي سگهان. يونس حبيب ايف آءِ اي کي پنهنجي لکت واري جواب ۾ چيو ته طبيعت جي ناسازي جي ڪري پيش نٿو ٿي سگهان. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ امتياز شيخ به اصغر خان ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي آڏو پيش ٿيڻ کان اڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے