21 اتوار , اکتوبر 2018

مائنس ون کان پوءِ مائنس ٽو اچي ويو جيڪو مائنس ايم ڪيو ايم آهي: فاروق ستار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته ڪنوينر شپ جي فيصلي کان پوءِ اسان وٽ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو آپشن موجود آهي، اڃان فيصلو ناهي ڪيو، مائنس ون کان پوءِ مائنس ٽو اچي ويو جيڪو مائنس ايم ڪيو ايم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي ڪيو. فاروق ستا چيو ته ڪنوينر شپ واري فيصلي تي سپريم ڪورٽ وڃڻ جي صلاح ڏني وئي آهي سوچي فيصلو ڪنداسين. فاروق ستار چيو ته هڪ آپشن اِهو به آهي ته اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيون، هاءِ ڪورٽ جوف يصلو اچي ويو آهي، ڪنوينر شپ جو فيصلو ڏنو ويو آهي، سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته فيصلو قبول ڪيون، مون کان لغر کسي ڪنهن ٻئي کي ڏنو ويو آهي.  هن چيو ته عدالتون ڪنهن کي ليڊر ناهن بڻائينديون، ڪارڪن ۽ عوام ليڊر بڻائيندا آهن، 23 آگسٽ تي ايم ڪيو ايم کي بچايو هو، مون کي يقين آهي ته عوام جي دل ۾ منهنجي لاءِ عزت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي يونيورسٽي جون جعلي ڊگريون پنجاب ۾ وڪرو ڪندڙ استاد گرفتار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اينٽي ڪرپشن اختيارين ملتان ۾ ڪراچي جون جعلي ڊگريون وڪرو ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے