18 جمعرات , اکتوبر 2018

گوادر: دهشتگردن بلوچستان جي اڳوڻي صوبائي وزير جو گهر ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو

گوادر(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اڳوڻي فشريز واري صوبائي وزير ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي (عوامي) جي اڳواڻ مير اصغر رند جي گهر کي ڌماڪي سان اڏائي تباهه ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي بلوچستان جي ضلعي تربت ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي  (مينگل) جي اڳواڻ تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو پر هو پاڻ محفوظ رهيو. سرڪاري اختيارين موجب اڻڄاتل ماڻهن مند جي علائقي گومزئي ۾ مير اصغر خان جي گهر جي ڀرسان ڌماڪيدار مادو لڳايو ۽ ڌماڪي سان گهر کي اڏائي ڇڏيو. ان ضمن ۾ ليويز اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪي وقت گه ر۾ ڪو به موجود نه هو جنهن جي ڪري ڪنهن جي زخمي يا مارجي وڃڻ جا اطلاع ناهن پر گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. ڄاڻايل ڌماڪي ۾ اصغر رند جي ڀاءَ جي گهر کي به معمولي نقصان رسيو جيڪو ان علائقي ۾ قائم آهي. ٻئي پاسي تربت ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي اڳواڻ مير همل بلوچ جي قافلي تي رستي ۾ هٿياربندن فائرنگ جو نشانو بڻايو، حملي وقت هو سرڪن ۽ مير آباد جي وچ ۾ سفر ڪري رهيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جو آسٽريليا کي ٽيسٽ سيريز کٽڻ لاءِ 538 رنسن جو جبل جيڏو ٽارگيٽ

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ آسٽريليا کي 538 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے