19 پیر , نومبر 2018

سياسي جماعتن اقليتن جي سيٽن لاءِ اميدوارن جي لسٽون جمع ڪرائي ڇڏيون

Restricted to participate in taxpayer, loan regulator and election of two citizensاسلام آباد( ويب ڊيسڪ) سمورين وڏين جماعتن قومي اسيمبلي  ۾ اقليتن جي سيٽن لاءِ پنهنجي اميدوارن جي ترجيحي  فهرست اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي .  قومي اسيمبلي  جي اقليتن  جي 10 سيٽن تي 160 نامزدگي  فارم جمع  ڪرايا ويا آهن. پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز ، تحريڪ انصاف ، امي ڪيو ايم پاڪستان ، عوامي نيشنل پارٽي ، گرينڊ  ڊيموڪريٽڪ ، الائنس  ۽ متحده مجلس عمل  سميت ٻين ڪيترن ئي جماعتن  قومي اسيمبلي  جي اقليتن  جي ترجيحي  فهرستون اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايون . تحريڪ انصاف جي لسٽ ۾  لال چند مالهي ، شنيلا رٺ ، راميش ڪمار وانڪواني، جاءِ پرڪاش اڪراڻي ، جمشيد ٿامس ، هريش ڪمار ، جارج  ڪليمنٽ ، سيمسن اعجاز  ۽ بابر شهزاد  جا نالا شامل آهن . پاڪستان پيپلزپارٽي  پاليامينٽيرين طرفان جمع ڪرايل  ترجيحي  فهرست ۾  رميش لال ، نويد عامر جيوا ، عمران آفاق اٿوال ، چوڌري  شان سلامت  ، پهلاج  مال، حنا گلزار ، وليم عنايت ، صابر  اقبال مسيح  ۽ پيٽر جون ڀيل جا نالا شامل آهن .  گرينڊ ڊيموڪريٽ الائنس طرفان  سنجي پراني ، منگلا شرما ، جڏهن ته پاڪ سرزمين پارٽي طرفان موهن منجاني ، راڪيش ڪمار ، سليما  جي نالن  تي  ٻڌل ترجيحي  فهرست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي وئي . سياسي جماعتن طرفان قومي اسيمبلي  ۽ صوبائي اسيمبلين  ۾ نامزدگي ڪاغذ  جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ  کي نظر ۾ رکندي  60 عورتن  لاءِ خاص سيٽن لاءِ به لسٽون جمع ڪرايون ويون آهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي ۾ چيف جسٽس جي فيصلي تي مطمئن آهيون: طاهر القادري

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے