13 منگل , نومبر 2018

ناجائز ڌيءَ واري معاملي تي عمران خان کي نااهل ڪرڻ بدران کيس اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ ڏنو وڃي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته سيتا وائٽ مان عمران خان جي ناجائز ڌيءَ جي حوالي سان افتخار چوڌري جي عدالتن ۾ درخواستن جي باوجود عمران خان کي نااهل نه ڪرڻ گهرجي پر هن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته عمران خان کي نااهل نه ڪرڻ گهرجي پر هن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو نه ڏنو وڃي ڇو ته تحريڪ انصاف وٽ عمران خان کان سواءِ ٻيو ڪجهه آهي ئي نه. مسلم ليگ ن وٽ پوءِ به خواجا آصف، سعيد رفيق ۽ انهن جهڙا ٻيا اڳواڻ به موجود آهن. هن چيو ته شهباز شريف کي ڪراچي جي اليڪشن تان دستبردار ان ڪري ڪرايو ويو ڇو ته هن جو پنجاب ۾ گهڻو ڪم هو ۽ هن کي چونڊ مهم جي قيادت ڪرڻي هئي. مفتاح اسماعيل چيو ته تحريڪ انصاف چندي آهي ته نگران وزير اعليٰ وٽ گهٽ اختيار هوندا آهن پر هڪ گهٽ اختيار رکڻ واري نگران وزير اعليٰ نجم سيٺي تي هن ڌانڌلي جو الزام لڳايو هو. هن چيو ته مسلم ليگ ن کي نيشنل اسيمبلي جون 100 کان وڌيڪ سيٽون ملنديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے