13 منگل , نومبر 2018

عيد کان اڳ پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 26 پيسا ۽ ڊيزل 6 رپيا 14 پيسا واڌ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت عيدالفطر کان اڳ عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو ۽ پيٽروليم  شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو. حڪومت طرفان جاري نوٽيفڪيسڻ  موجب پيٽرول جي نئين قيمت 4 رپيا 26 پيسا واڌ  کانپوءِ 91 رپيا 96 پيسا مقرر ڪئي وئي .  لائيٽ ڊيزل جي قميت ۾ 6 رپيا 14 پيسن جي واڌ  ٿي وئي آهي ، جنهن بعد نئين قيمت 74 رپيا 99 پيسا ٿي وئي آهي . گاسليٽ 4 رپيا 46 پيسا واڌ کانپوءِ 84 رپيا 34 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي . ان کانسواءِ  هاءِ اسپيڊ  ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 55پيسا في ليٽر واڌ  ٿي وئي آهي .  جنهن کانپوءِ نئين قيمت 105 رپيا 31 پيسا ٿي وئي آهي . نوٽيفڪيشن موجب قيمتن  11 جون رات 12 وڳي  کان لاڳو ٿي وينديون . اهي قيمتون 30 جون 2018 تائين لاڳو هونديون .  واضح رهي ته اوگرا پهرين جون کان پيٽرول جي قيمت  8 رپيا 37 پيسا ، ڊيزل ساڍا 12 رپيا  ۽ گاسليٽ 8 رپيا  30 پيسا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي ..

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے