17 بدھ , اکتوبر 2018

ڏڪر جي ڏيهه ”ٿر“ ۾ خوشحالي جي سج اڀرڻ جي اميد

چوندا آهن ته ”ڏکي توءِ ڏڪار، توڙي وسن مينهڙا“ سنڌ جي ٿر سان به هوبهو اهڙي صورتحال پئي رهي آهي. پاڻي جيئن ته جياپو آهي ۽ اهو نه هئڻ ڪري ئي ٿر ڏڪار جو ڏيهه سڏبو رهيو آهي. ان جي زمين ۾ ڪارو سون پوريل هئڻ جي خبر ته ڏهاڪا پراڻي هئي پر اهو ڪارو سون ڳولي سڀ کان پهريون ٿر کي سنڌ کي ۽ ملڪ کي خوشحال بڻائڻ، توانائيءَ جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ هن کان اڳ ڪي ڪوششون ٿي نه سگهيون هيون، مورڳو هي معاملو به سياست جي ور چڙهيل رهيو هو، ايئن جو چوڻ به غلط نه ٿيندو ته ٿر سنڌ ۾ آهي، تنهن ڪري ئي شايد نظرانداز رهيو.

بهرحال اهو ٿر جتان غذائيت جي ڪمي سبب ٻار يا وائرس سبب مور مرڻ چارو ۽ پاڻي نه هئڻ سبب ڍور مرڻ جون خبرون اينديون رهيون آهن، اتان خوشي جي خبر هي آئي آهي ته ٿر جي ڪوئلي واري بلاڪ نمبر 2 ۾ ڪوئلي جي ڳولا جو ڪم ڪندڙ سنڌ ڪول اينگرو مائننگ ڪمپني 140 ميٽر يعني 460 فوٽ اونهائي تائين کوٽائي ڪري ڪوئلي جي پهرئين تهه تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. ڪمپنيءَ جي چيف ايگزيڪيوٽو شمس الدين شيخ هن اهم ڪاميابيءَ تي پوري ملڪ جي ماڻهن خاص ڪري ٿر واسين کي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ چيو آهي ته مليل ڪوئلو معياري آهي، بجلي ٺاهڻ لاءِ سازگار آهي، هن ڪوئلي مان هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي جنهن سان ملڪ مان بجلي بحران ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي هن ٻڌايو ته جتان ڪوئلو هٿ آيو آهي اتي ٻه ارب چار لک ٽن ڪوئلو موجود آهي.

ٿر جي زمين هيٺ 175 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، جيڪي دنيا جا پنجون نمبر وڏا ذخيرا آهن، ٿر ۾ ان ڪاري سون جي موجودگيءَ جو انڪشاف 1988ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي پهرئين حڪومتي دور ۾ ٿيو هو، جنهن دوران ٿر مان ڪوئلو ڪڍي ٿر ۽ ڪيٽي بندر ۾ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر اڏڻ ٿر ۽ ملڪ کي ترقي ڏيڻ جي ابتدا ته ٿي پر سياسي بحرانن ۽ هڪ ٻئي پٺيان چونڊيل حڪومتن جي تبديليءَ جمهوريت تي راتاهن سبب اهو ڪم رهيل هيو، هينئر به 2008ع کان وٺي اڄ تائين جمهوري نظام جيڪو تسلسل سان هلندو رهيو آهي، تنهن جو نتيجو آهي جو ٿر جي ڪوئلي تي ڪم شروع ٿيو جيڪو بنا رنڊ روڪ جي جاري رهيو ۽ آخرڪار ٿر مان ڪوئلو هٿ ڪرڻ جي ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي.

ڪي قومون، ڪي ملڪ، ڪي خطا ۽ ڪي علائقا اهڙا به هوندا آهن، جن وٽ هڪ شيءِ ججهي هوندي آهي ته ٻي هوندي ئي ناهي. بلڪل ايئن ئي ٿر ۾ ٿر واسين وٽ پوکي راهيءَ لاءِ ايتري قدر جو پيئڻ لاءِ به گهربل مقدار ۾ پاڻي موجود ناهي. چوندا آهن ته ”مينهن وسي ته ٿر، نه ته بر ئي بر“ سو هتان جي ماڻهن جي خوشحالي مينهن سان لاڳاپيل پئي رهي آهي، ڏڪر جي مند ۾ هتان جا ماڻهو پنهنجا گهر تڙ ڇڏي مالا ۽ متاغ ڪاهي بئراجي علائقن ڏانهن لڏي ويندا آهن ۽ مينهن وسڻ کان پوءِ پنهنجن اباڻن ٿاڪن، پنهنجن ماڳن تي واپس موٽي ايندا آهن، هاڻي ٿر ۾ جيئن ته ڪاري سون يعني ججهي ڪوئلي جي موجودگي آهي ۽ عملي طرح اهو ڪوئلو هٿ به آيو آهي ته اهڙين پاليسين اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان ٿر ڏڪر نه پر خوشي ۽ خوشحاليءَ جو ڏيهه بڻجي وڃي.

اسان جهڙن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ جتي هڪ ئي وفاق جي ڇٽيءَ هيٺ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ مختلف ثقافت، تهذيب ۽ تمدن ۽ تاريخ رکندڙ قومون رهنديون آهن اتي طاقتور هٿان ڪمزور جي وسيلن ۽ خوشحاليءَ تي قبضو ۽ ڦرلٽ معمول هوندي آهي. اهڙي شڪايت بنگالين کي به هئي جيڪي پنهنجي ٻولي ۽ وسيلن جو استحصال ٿيڻ تي ڳوڙها ڳاڙيندي جدوجهد ۽ مزاحمت  ڪندي الڳ ٿي ويا. اڄ به وفاق ۾ جيڪي قومون موجود آهن، تن کي به هوبهو اهڙيون شڪايتون وفاق ۽ پنجاب کان آهن، ڪيڏي نه ستم ظريفي چئبي جو بلوچستان جنهن علائقي ”سئي“ مان گئس 1949ع ۾ نڪتي هئي، جيڪا سڄو ملڪ استعمال ڪري سک به وٺي رهيو هو پر ان سئيءَ کي هاڻي چند سال اڳ وڃي گئس ملي آهي، سو ٿر ۾ اهڙي روايت هرگز نه ورجائڻ گهرجي. ٿر ۾ جيئن ته خوشحاليءَ جو نئون سج اڀري چڪو آهي، تنهن ڪري ان جو سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿر جي ماڻهن، سنڌ ۽ پوءِ ملڪ کي ملڻ گهرجي.

ٿر مان جيڪا آمدني ٿئي، تنهن جو سڀ کان آئيني اول طرح وڏو حصو مقامي آباديءَ تي خرچ ڪرڻ گهرجي، انهن لاءِ روزگار، صحت، تعليم، روڊ رستا ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي، نه رڳو ايترو پر ٿر ۾ ڪوئلي جي کاڻين، بجلي گهرن جي تعمير مطلب ته ڪوئلي سان لاڳاپيل هر صنعت جيڪا ٿر ۾ قائم ٿئي تنهن ۾ روزگار جو پهريون حق ٿر واسين جو آهي، جيڪو  کين ملڻ گهرجي، اميد ڪري سگهجي ٿي ته ڪارو سون هٿ اچڻ کان پوءِ هاڻي ٿر جا ماڻهو به خوشحالي ۽ آسودگي ڏسي سگهندا بک بدحالي ۽ ڏڪر جي هن ڏيهه مان هميشه لاءِ موڪلاڻي ٿي ويندي.

اڱارو 12 جون  2018ع، 27 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ وڌندڙ ايڊز جي وبا….

سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي 3- سيپٽمبر 2018ع تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے