13 منگل , نومبر 2018

پ پ پ تيلن جي قيمتن ۾ واڌ واري فيصلي کي رد ڪري ٿي:خورشيد شاهه

 Reduction Reduction in Petroleum prices: Khursheed Shahڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ واڌ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي نگران حڪومت کان قيمتون وڌائڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته رپئي جي قدر ۾ سخت گهٽتائي سان اڳوڻي حڪومت جي هٿرادو معاشي ترقي جا پول کلي ويا آهن، گذريل حڪومت ٽيڪس نيٽ وڌائڻ بدران عوام کي سزا ڏيڻ تي يقين رکندي هئي. هن چيو ته پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ واڌ سان مهانگائي جو نئون طوفان اٿندو ۽ عيد کان اڳ ئي مهانگائي جو اهڙو طوفان عوام لاءِ ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته پ پ پ تيلن جي قيمتن ۾ واڌ واري فيصلي کي رد ڪري ٿي ۽ نگران حڪومت کان مطالبو ڪري ٿي ته پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے