18 اتوار , نومبر 2018

نيب ريفرنسز: نواز شريف کي وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت

The decision to take a decision in the matter of NAB in one month, should allow Nawaz Sharif and Mary to go abroadاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پنهنجي پراڻي وڪيل کي پرچائڻ يا واري نئون وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ 19 جون تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي. جوڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ احتساب عدالت شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران واز شريف پنهنجي وڪيل خواجه حارث کانسواءِ پيش ٿيو.  ٻڌڻي جي شروعات تي نواز شريف مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز سان مشورو ڪيو. ٻڌڻي جي شروعات تي ئي جج نواز شريف کي روسٽرم تي طلب ڪري ورتو. جج نواز شريف کان پڇاڻو ڪيو ته توهان سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو پڙهيو آهي؟ توهان خواجه حارث سان ڳالهايو آهي يا نئون وڪيل رکندا، جنهن تي نواز شريف چيو ته هي ايترو سولو فيصلو نه آهي، خواجه حارث ايتري محنت سان ڪم ڪيو. جج نواز شريف کي چيو ته اڃا تائين خواجه حارث جي ڪيس تان هٿ کڻڻ جي درخواست منظور نه ڪئي آهي، خواجه حارث کي راضي ڪري وٺو يا نئون وڪيل ڪيو. جنهن تي جواب ۾ نواز شريف چيو ته هن مرحلي تي نئون وڪيل ڪرڻ سولو ڪم ناهي.  مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي وڪيل امجد پرويز عدالت جي روبرو موقف اختيار ڪيو ته عدالتي آرڊر شيٽ ۾ ڪو به اهڙو آرڊر ناهي جنهن ۾ دفاع بابت ائين لکيو ويو هجي، اسان کي ڇنڇر جي ڏينهن لاهور ۽ ڪراچي جي عدالتن ۾  ڪيسن ۾ پيش ٿيڻو هوندو آهي، دفاع عدالت سان وڌ کان وڌ سهڪار ڪيو آهي، ميان نواز شريف کي بنيادي حق آهي ته سندس کيس پنهنجي مرضي جو وڪيل ملي سگهي، خواجه حارث کي راضي ڪرڻ لاءِ وقت ملڻ گهرجي. نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي روبرو موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ مهلت احتساب عدالت کي ڏني آهي، فريادي يا جوابدار ڌر لاءِ نه ڏني آهي، خواجه حارث جو اهڙي وقت لاءِ هٿ کڻڻ مناسب ناهي، اڄ ايون فيلڊ ۾ آخري دليل ٿيڻا آهن،  خواجه حارث نه ته امجد پرويز اڄ آخري دليل ڏئي سگهي ٿو. جج رمارڪس ڏيندي چيو ته پهريون هن معاملي کي ڏسڻ ڏيو پوءِ اڳتي وڌنداسين، پهريون سپريم ڪورٽ جو حڪم پڙهي وٺون ٿا. سپريم ڪورٽ جو حڪم پڙهڻ کانپوءِ جج چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ چئن هفتن جو چيو ويو آهي،  ڇنڇر ڏينهن ٻڌڻي جو اختيار عدلات کي ڏنو ويو آهي، ڇنڇر ڏينهن عدالت لڳندي آهي، جنهن تي نواز شريف چيو ته ان کي عدالت تي ڇڏيو وڃي ته پوءِ اسان کي چئن هفتن جو نه چيو وڃي، خواجه حارث جي ڳالهه مان متفق آهيان ته دٻاءَ جي حالتن ۾ ڪيس نه ٿا وڙهي سگهجن. احتساب عدالت نواز شريف کي وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ 19 جون تائين جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے