24 بدھ , اکتوبر 2018

عالمي ٽائٽل کٽڻ بعد ئي منهنجو خواب پورو ٿيندو: محمد وسيم

My dream will come true after World Tournament: Mohammad Wadeemڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني باڪسر محمد وسيم راند ۾ ٻيهر بلنديون حاصل ڪرڻ لاءِ مشهور آمريڪي اسٽار مي ويدر سان گڏ ٽريننگ ڪندو. ڊبليو بي سي جي اڳوڻي سلور فلائي ويٽ چيمپيئن وسيم ان کي پاڻ لاءِ نئون چيلنج قرار ڏئي ڇڏيو آهي، هن چيو ته هو کيس چريو ڪوٺيندو آهي، ڇو ته مان رڳو 8 پروفيشنل فائٽن بعد عالمي ٽائٽل طرف ڏسڻ  شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن وٽ هاڻي به آءِ بي ايف ٽائٽل جي تياري لاءِ 40 ڏينهن باقي آهن. هلندڙ سال ٽائٽل بائوٽ جي گهٽتائي ۽ اسپانسشرپ نه هئڻ سبب وسيم کي پنهنجي ڊبيلو بي سي ٽائٽل کان محروم ٿيڻو پيو هو، پر هاڻ هن آءِ بي ايف ٽائٽل کي حاصل ڪرڻ پنهنجو مقصد بڻائي ورتو آهي، جنهن لا هڪ ڀيرو ٻيهر هن کي لاس ويگاس جو رخ ڪرڻو پوندو، ايندڙ ميهني ان ٽائٽل لاءِ ڪوالامپور ۾ ڏکڻ آفريڪي مخالف موٽوٽي مٿالين سان مقابلو ڪندو، جڏهن ته راند ۾ ٻيهر بلنديون حاصل ڪرڻ لاءِ هو فلوئيڊ مي ويدر جي جم کي جوائن ڪندو. محمد وسيم چيو ته هن لاءِ  اها هڪ نئين شروعات آهي، وقت گذرندو پيو وڃي، پر پنهنجي خوابن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻيهر ٽريڪ تي اچڻو پوندو، جيڪو عالمي ٽائٽل کٽي پورو ڪري سگهندس. هن چيو ته بدقسمتي سان هو ڊبليو بي سي ٽائٽل حاصل ڪرڻ وارو موقعو وڃائي ويٺو، پر سمورن تڪليفون سندس منزل ۾ رڪاوٽ نٿيون بڻجي سگهن. منهنجا ارادا بلند آهن، جڏهن مان هتي ماڻهن کي اهو ٻڌائيندو آهيان ته منهنجون نظرون عالمي ٽائٽل حاصل ڪرڻ تي کُٿل آهن ته هو تمام گهڻو حيران ٿيندا آهن، ڇو ته عام طور تي باڪسر 20 کان وڌيڪ پروفيشنل بائوٽس کان پوءِ اڳتي وڌڻ جي باري ۾ سوچيندا آهن، پر اڳ ۾ ئي ڪافي وقت وڃائي چڪو آهيان. ياد رهي ته وسيم ڪيريئر جي هن وقت تائين 8 پروفيشنل فائٽن ۾ 5 ڀيرا مخالف کي ناڪ آئوٽ ڪيو آهي، هلندڙ سال ڊبليو بي سي فلائي ويٽ چيمپيئن جاپاني باڪسرڊياگو هيگا کان سان هن جي فائٽ رٿيل هئي پر  اسپانسر شپ نه ملڻ سبب مقابلي نه ٿي سگهيو، پر ان باوجود هو نئين چيلنج لاءِ جيف مي ويدر سان گڏ ٽريننگ ڪري رهيو آهي. وسيم وڌيڪ چيو ته پنهنجي حد تائين ڀرپور ٽريننگ ڪري رهيو آهيان، ڊگهي وقفي بعد ٻيهر ائين ڪرڻ مشڪل هوندو آهي پر منهنجي ڪوشش هوندي ته پنهنجو ناقابل شڪست رهندڙ ريڪارڊ براقرار رکان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرفراز جي فٽنيس ۾ سڌارو، ڪينگروز خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ لاءِ پراميد

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جي فٽنيس ۾ بهتري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے