23 منگل , اکتوبر 2018

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه ۾ ملاقات

سنگاپور ( ويب ڊيسڪ ) هڪ ٻئي کي تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ هڪ ميز تي اچي ويا آهن، آمريڪي صدر ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه سنگاپور ۾ تاريخي ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان ۾ سنگاپور ۾ ملاقات ٿي. ٽرمپ جي ڪم جنگ ان سان ون ٽو ون ملاقات 48 منٽن تائين جاري رهي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات کان اڳ خوبصورت موڊ ۾ هٿ ملايو ۽ تصويرون به ڪڍيون جڏهن ته ملاقات لاءِ سخت ترين سڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا.  وفدن سميت ملاقات ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير جان بولٽن، چيف آف اسٽاف به شرڪت ڪئي جڏهن ته سندس ساٿي ڪم يونگ چول، موجوده ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير به شرڪت ڪئي. ٽرمپ ۽ ڪم جونگ ان وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ سڄي دنيا جا 30 هزار صحافي به سنگاپور ۾ موجود آهن.  صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪم جونگ سان ملاقات منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي جيڪا تمام سٺي رهي، مان ۽ ڪم جونگ تمام وڏو مسئلو حل ڪري وٺنداسين، ڳالهين جو نتيجو شاندار ڪاميابي جي صورت ۾ نڪرندو. ڪم جونگ ان ملاقات ۾ ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته اتر ڪوريا سان سٺا لاڳاپا قائم ٿيندا، اتر ڪوريا سان بهترين لاڳاپن لاءِ پراميد آهيان، اميد آهي ته ڪم جونگ ان سان لاڳاپا بهترين رهندا جڏهن ته گڏجي ڪم ڪري ئي هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. ٻئي طرف ڪم جونگ ان چيو ته ملاقات لاءِ سمورن خدشن ۽ اڳڪٿين کي رد ڪري ڇڏيو، سخت ماضي کي وساري امن جي نئين صبح جي اميد ڪريون ٿا، ڪجهه زنجيرن جڪڙي رکيو هو، اکيون ۽ ڪن بند هئا، ماضي جو تعصب ۽ مسئلا اڳتي وڌڻ ۾ رنڊڪ بڻيل رهيا. اتر ڪوريا جي سربراهه چيو ته ٻنهي سربراهن جو ملاقات تائين پهچڻ سولو نه هو، اتر ڪوريا ۽ آمريڪا ملاقات لاءِ سموريون رنڊڪون پار ڪيون، اميد آهي ته امن لاءِ ملاقات هاڪاري رهندي، چئلينج  هوندا پر صدر ٽرمپ سان ڪم جاري رکيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے