23 منگل , اکتوبر 2018

ٽيسٽ ڪرڪيٽرن جي چونڊ پي ايس ايل جي ڪارڪردگي تي نه ڪئي وڃي: وقار يونس

Do not be tested by selectors of the selected PSLs: Waqar Younisلاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وقار يونس پي سي بيءَ کي صلاح ڏيندي چيو آهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽر پي ايس ايل مان نه ڳولهيا وڃن، ان لاءِ ڊوميسٽڪ مقابلن تي به ڌيان ڏنو وڃي. هڪ انٽرويو ۾ وقار يونس چيو ته نئون ٽيلنٽ سامهون آڻڻ جي حوالي سان پي ايس ايل جي تعريف ڪري سگهجي ٿي، ايونٽ سان پاڪستان کي دليراڻي انداز سان کيڏندڙ شاداب خان، حسن علي ۽ فهيم اشرف به مليا آهن، پر ٽيسٽ ڪرڪيٽرن جي چونڊ پي ايس ايل جي ڪارڪردگي تي نه ڪئي وڃي، ٽيسٽ ڪرڪيٽر تيار ڪرڻ لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي قدر ڪرڻ گهرجي،  جتي سهولتن جو معيار ٻين ملڪن کان گهٽ هئڻ باوجود پاڪستان ڪرڪيٽ جي 70 ورهين جي تاريخ ۾ وڌ کان وڌ ٽيلنٽ اتان کان حاصل ٿيو آهي، جيڪڏهن ان تي ڌيان ڏنو وڃي ته وڌيڪ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ وقار يونس چيو ته ٽيم ۾ اڻ تجربيڪار رانديگرن ۽ آل رائونڊرن تي ٻڌل ڪمبينيشن هئڻ سبب ڇهين نمبر تي سرفراز احمد جي ڪارڪردگي تمام گڻهي اهميت رکي ٿي، ڪپتان طور بيٽمسين محدود اورن واري ڪرڪيٽ ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، پر ٽيسٽ ميچن ۾ هو اميدن تي پورو نٿو لهي، فلحال ته هو ٽئي فارميٽ کيڏائڻ لاءِ بهترين چونڊ آهي، پر ان جو متبادل به نظرن ۾ رکڻ ۽ ان جي ڳولا ڪرڻ ڪا به خرابي ناهي.وقار يونس چيو ته شاهين شاهه آفريدي تمام گهٽ عمر ۾ عالمي ڪرڪيٽ جو وزن کڻي رهيو آهي، فاسٽ بالر کي  احتياط واري انداز ۾ آزمايڻ گهرجي، وڌيڪ بهتر ٿئي ها جو کيس پهريان سينيئر ڪرڪيٽ لاءِ گروم ڪيو وڃي ها، هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتر مستقبل لاءِ اهو ضروري آهي ته نه رڳو وڏن وڏن شهرن پر ڏورانهن علائقن مان به نئون ٽيلنٽ سامهون ايندو رهي، هن سميت مشتاق احمد، ۽ محمد عرفان پٺتي پيل علائقن مان سامهون آيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرڪيٽرن کي هراسان ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ آءِ سي سي جو اهم فيصلو

سنگاپور (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل رانديگرن جي گرائونڊ کان ٻاهر رويي کي بهتر رکڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے