23 منگل , اکتوبر 2018

پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين سدائين ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي: صنم بخاري

The Pakistanis living in the country have always lighten the name of the country: Sanam Bukhariلاهور(شوبز نيوز) اداڪار ۽ ماڊل صنم بخاري چيو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين سدائين ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا صنم بخاري چيو آهي ته جڏهن پاڪستان ۾ قيامت جهڙو زلزلو آيو هو ته ان موقعي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ملڪ جي مجبور ۽ متاثر ڀيڻ ڀائرن جي امداد ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو هو، خود پاڻ به ان خوفناڪ زلزلي ۽ ٻوڏ واري موقعي ته ناروي ۾ پنهنجي ويجهن مائٽن کان فنڊ ريزنگ ڪري پاڪستان ۾ متاثرن جي امداد لاءِ رقم ۽ سامان اُماڻيو هو، جڏهن ته پاڪستان ۾ هڪ ٻار جي خرچ جي ذميواري کنئي آهي، جنهن جي تعليم سميت ٻيا خرچ برداشت ڪندي آهيان. صنم بخاري چيو ته اهڙي نموني پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين سدائين ملڪ جي بهتري لاءِ  اڳڀرا رهيا آهن. جيڪڏهن ان حوالي سان ڳالهه پاڪستان فلمي انڊسٽري جي ڪجي ته ان لاءِ به پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن ته ان ۾ ڪا به خرابي ناهي. پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان وٽ جديد ٽيڪنالوجي سان گڏ اهڙيون فلمون ٺاهيون وڃن جنهن سان مداحن کي تفريح ملي سگهي، پاڪستان جي روشن تصوير پوري دنيا تائين پهچي سگهي. اداڪارا چيو ته سموري دنيا ۾ فلمن ذريعي مٽبت شيون سامهون آيون آنديون وينديون آهن، يا وري پنهنجي ثقافت کي هٿي ڏني ويندي آهي، پر بدقسمتي سان اسان وٽ انهن ڳالهين خاص ڌيان ناهي ڏنو ويندو، جيتوڻيڪ ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صنم بخاري چيو ته اوڀر وارن ملڪن ۾ ڏيکاريون ويندڙ فلمن ۾ جيڪڏهن اوڀر جو ئي ڪلچر ڏيکاريو ويندو اهو انهن کي متاثر نه ڪندو، اسان کي ته پنهنجي ملڪ جو خوبصورت ڪلچر ڏيکاري ماڻهن کي ٻڌائڻو آهي ته اسان ڪيترا امن پسند ۽ محبت ڪندڙ آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيرين مزاري به احد رضا ۽ مومنا تي ڏمرجي پئي

اسلام آباد (شوبز نيوز) ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 ۾ پيش ڪيل گيت ”ڪوڪو ڪورينا“ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے