22 پیر , اکتوبر 2018

ڪراچيءَ ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ چئلينج

Ministers of Nawaz Sharif and PML-N have denied for five years: Imran Khanڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سيتا وائيٽ ڪيس بابت رٽرننگ آفيسر وٽ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان پنهنجي ڌيءَ کي قبول نه ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي چونڊ وڙهڻ تي پابندي لڳائي وڃي. درخواست عبدالوهاب بلوچ طرفان داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪو شخص پنهنجي ٻارڙي کي قبول نه ڪري اهو اليڪشن وڙهڻ جي اهل ناهي. عمران اسماعيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ وقت جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب ويو آهي، ڪيس ۾ هو ئي جواب ڏئي سگهي ٿو، اسان کي 19 جون تائين جو وقت ڏنو وڃي. عمران اسماعيل چيو ته عمران خان 18 جون تي وطن واپس اچي ويندو، 19 جون تي عدالت ۾ پيش ٿيندو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان کي ڪيس جي ڪاپي ملي وئي آهي، عمران خان جي وڪيل چيو ته اسان ڪيس جي ڪاپي وٺي ڇڏي آهي، آڏي پڇا لاءِ وقت ڏنو وڃي. عدالت چيو ته جوڊيشل ڪيس ناهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي رول کي فالو ڪري رهيا آهيون، درخواست جو فيصلو به 19 جون تي ئي ٿيندو. رٽرننگ آفيسر عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جو عمل 19 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے