22 پیر , اکتوبر 2018

ٽرمپ ۽ ڪم جونگ جي وچ ۾ ٿيل تاريخي ملاقات جي پريس رليز  جاري

The historic press release issued between Trumpet and Jang Jong continuedسنگاپور(ويب ڊيسڪ) سنگاپور ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽  اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ وچ ۾ ٿيندڙ پهرين ۽ تاريخي ملاقات جي گڏيل پريس ريليز جاري ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ۽ اتر ڪوريا جي سربراهن وچ ۾ سنگاپور جي خوبصورت ٻيٽ  سينٽاسو جي هوٽل ۾ 48 منٽن تائين روبرو تاريخي ملاقات جو گڏيل بيان جاري ڪيو ويو آهي.  جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ پيپلز ري پبلڪ آف ڪوريا جي چيئرمين ڪم جونگ جي وچ ۾جون  12،  2018 تي سنگاپور ۾ پهرين ۽ تاريخي ملاقات ٿي، ٻنهي مخالفن جي وچ ۾ هڪ نئي، مضبوط ۽ بهتر لاڳاپن لاءِ گڏيل ، دوستاڻي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ته جيئن ڪوريا ۾ پائيدار ۽ مضبوط امن قائم ڪرڻ جي بنياد رکي سگهجي . آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪم جونگ کي اتر ڪوريا جي سلامتي کي پيش ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تحفظ جي ضمانت ڏني جنهن جي جواب ۾ ڪم جونگ اُن آمريڪي صدر کي جوهري پروگرام جي مڪمل خاتمي جو يقين ڏياريو، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته گڏيل خشگوار لڳاپا اتر ڪوريا ۽ دنيا جي امن لاءِ انتهائي فائيديمند ثابت ٿيندا. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن هٺين چئن نڪتن تي اتفاق ڪيو،

1-پنهنجي پنهنجي ملڪ جي عوام جي اميدن ۽ خوشحالي کي نظر ۾ رکندي امن امان ۽ مضبوطي لاءِ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي سربراهن هڪ نئين مضبوط تعلق جي عزم جو اظهار ڪيو.

2 -ڪوريا ۾ پائيدار  مضبوط امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا گڏيل جدوجهد ڪندا

3-اتر ڪوريا هلندڙ سال 27 اپريل تي جاري ڪيل پنمجوم پڌرائي ته عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائيندي، ڪوريا کي جوهري هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي  سٺا قدم کڻندو.

4 – آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جنگ دوران پنهنجن ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ سنجيدا ڪوششون ڪندا ۽ جن جي سڃاڻپ ٿي ويندي انهن کي فوري طور تي ملڪ واپس اُماڻيو ويندو.

پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها تاريخي ملاقات ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏهاڪن تائين جاري تڪرار ۽ دشمني کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، طئي ٿيندڙ معاملن تي عمل ڪرائڻ جي نگراني لاءِ آمريڪا جي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو اتر ڪوريا جي لاڳاپيل اعليٰ اختيارين سان ملسل رابطي ۾ رهندو ۽ جلد ٻنهي ملڪن جي اهم اختيارين طرفان ان حوالي ٿيندڙ اجلاس جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kashmir: 3 militants killed, 2 jawans injured in ongoing encounter

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ 8 ڪشميرين کي  شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر ( ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪلگام ۾ قابض ڀارتي فوج جي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے